Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

عيب کان بچون، هميشه حقيقت پسند رهون، پنهنجن خيالن، پنهنجن نَظرييَن ۾ گم رهڻ بدران درست اسلامي تعليمات سکون منافق ماڻهو الله پاڪ جي نافرمانن، غير مسلمن سان دوستي رکندا هئا، انهن کان بيزاريءَ جو اظهار نه ڪندا هئا، اسان کي گهرجي ته اسان بُرن ماڻهن جي بُرائيءَ کان هميشه نفرت ڪندا رهون منافق چغلي هڻندا هئا، هي به زمين ۾ فساد پکيڙڻ جي هڪ صورت آهي اهڙي طرح هي بدبخت اعلانيه گناهه به ڪندا هئا، اسان کي گهرجي ته اسان چغلي، غيبت وغيره کان به بچون ۽ گناهن جي بُري عادت کان به جان ڇڏايون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 

نيڪ اعمال  (Naik Amal) موبائل ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمال ۾ اضافي جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal) هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، هن ايپلي ڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ طالبِ علمن جي لاءِ الڳ، الڳ، رسالا موجود آهن * ان کي 6 مختلف زبانن * انگريزي * اردو * هندي بنگالي * گجراتي ۽ * سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو * هن ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن * هر سوال جي هيٺ 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضي جو ڪو به وقت مُقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، هن جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکريل نکريل، خوبصورت ٿي ويندو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!      صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو ٻڌون ٿا: