Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy
حضرت مجاهد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن سخت ڏڪار پوندو آهي، مينهن وسڻ بند ٿي ويندا آهن ته جانور نافرمان ماڻهن تي لعنت موڪليندا آهن ۽ چوندا آهن: هي ڏڪار انسان جي گناھن جي سبب آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! هن کان وڌيڪ ڪهڙي ذلت هوندي جو انسان اشرفُ المخلوقات آهي پر جڏهن هي گناھ ڪندو آهي، ان جون نافرمانيون حد کان وڌنديون آهن ته جانور جيڪي اسان کان ڪيئي ڀيرا گهٽ آهن، اهي به انسان کي بُرو ڀلو چوندا آهن. معلوم ٿيو: جيڪو نافرمان آهي، اهو پنهنجي فضيلت پاڻ وڃائي ويهندو آهي ۽ انساني درجي مان ڪِري ڪَري ذلت جي کَڏي ۾ وڃي پوندو آهي.
گناہوں کی نحوست بڑھ رہی ہے دَم بدَم مولا
میں توبہ پر نہیں رِہ پا رہا ثابِت قدم مولا
کمر توڑی ہے عصیاں نے، دبایا نفس و شیطاں نے
نہ کرنا حشر میں رُسوا، مرا رکھنا بھرم مولا
گناہوں نے مجھے ہائے کہیں کا بھی نہیں چھوڑا
کرم ہو از طفیلِ سیدِ عرب و عجم مولا([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هي منافقن جا بُرا اعمال آهن: انهن بدبختن جي مت ماري وئي آهي، عقل ۾ خرابي اچي چُڪي آهي هي چڱائي ۽ بُرائيءَ ۾ فرق ڪرڻ جي به لائق ناهن رهيا، ڪم اهي ڪندا آهن، جن سان فساد پکڙجندو آهي ۽ چوندا هي آهن ته اسان فساد مِٽائي رهيا آهيون اسان کي گهرجي ته ان