Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

میں غیبت و چغلی سے رہوں دُور ہمیشہ       ہرخصلتِ بد سے مرا پیچھا تو چھڑا دے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                               صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 (3): اعلانيه گناھ ڪرڻ

منافقن جو ٽيون بُرو عمل جنهن کي فَسَاد فِي الْاَرْض چيو ويو اهو هي هو ته هي بدبخت اعلانيه گناهه ڪندا هئا.[1]

گناھ جيتوڻيڪ لڪي ڪري هجي يا اعلانيه هجي، گناھ آخر گناھ ئي آهي، البت اعلانيه گناھ ۾ هڪ نحوست هيءَ آهي ته ان ۾ ٻين کي گناھ جي ترغيب ملندي آهي، هيئن ٻيا به ڏسندي هن گناھ ۾ مبتلا ٿيندا آهن ۽ معاشرو تباھ ۽ برباد ٿي ويندو آهي. ان ڪري اسان سڀني تي لازم آهي ته اسان لڪي ڪري به هرگز گناھ نه ڪيون جو جنهن جي نافرماني لڪي ڪري ڪَري رهيا آهيون، اهو الله پاڪ ته ڏسي ئي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ اعلانيه گناھ کان به خاص طور تي بچون جو اعلانيه گناھ صرف گناھ نه بلڪه زمين ۾ فساد پڻ آهي.

نافرماني آفتن ۽ بلائن جو سبب آهي

   الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

ظَہَرَ الْفَسَادُ فِی الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ بِمَا کَسَبَتْ اَیْدِی  النَّاسِ  لِیُذِیْقَہُمْ بَعْضَ الَّذِیْ عَمِلُوْا  لَعَلَّہُمْ یَرْجِعُوْنَ (۴۱)

(سيپارو: 21، سورت روم: 41 )

ترجموڪنزُالعرفان: خشڪيءَ ۽ تريءَ ۾ فساد ظاهر ٿي ويو انهن بُرائين جي سبب جيڪي ماڻهن جي هٿن ڪمايون ته جيئن الله انهن کي انهن جي ڪجھ ڪمن جو مزو چکائي.

  الله اڪبر! معلوم ٿيو: الله پاڪ جي نافرماني ۽ گناھن جي سبب زمين ۾ فساد پيدا ٿيندو آهي، قحط پوندو آهي، مينهن وسڻ بند ٿي ويندا آهن، فصلَ تباھ ٿي ويندا آهن، بلائون پکڙجنديون آهن ۽ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا فسادَ زمين ۾ ظاهر ٿيندا آهن.


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی ،پارہ:1 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:11 ،جلد:1 ،صفحہ:171۔