Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

ذميداري آهي ته ان برائي جي ڪاٽ ڪيون، جيڪڏهن هي نه ٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ ان برائي کان نفرت ته لازمي ڪرڻي پوندي.

(2): چغلي هڻڻ

منافقن جو ٻيو بُرو عمل جنهن کي فساد في الارض (يعني زمين ۾ فساد) چيو ويو، اهو هي آهي ته منافق چغليون هڻندا هئا.[1] صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم سان گڏ رهندا هئا، انهن کان جيڪي ڳالهيون ٻڌندا هئا، اهي فساد پکيڙڻ جي لاءِ غير مسلمن تائين پهچائيندا هئا. 

هن مان خبر پئي: چغلي جي ڪري زمين ۾ فساد پکڙجندو آهي ۽ هيءَ حقيقت آهي، چغلي جي سبب ڀائر ڀائر کان جُدا ٿي ويندا آهن، والدين ۽ اولاد ۾ نفرت پيدا ٿي ويندي آهي، دوست دوست کان وڙهي پوندو آهي. چغلي جا اهڙا اهڙا نقصانات آهن جو بَس! الله جي پناھ...!!

ڳالھ  وڃي قتل تائين پهتي

هڪ شخص هو، ان کي ڪم ڪار جي لاءِ هڪ غلام جي ضرورت پيش آئي (اڄڪلھ تي نوڪر پگهار تي رکيا ويندا آهن، اڳين زماني ۾ باقاعده پيسن سان غلام خريد ڪيا ويندا هئا)، جيئن ته اهو غلام خريد ڪرڻ ويو، ان کي هڪ غلام پسند آيو، ان مالڪ کان قيمت طئي ڪئي، مالڪ چيو: هن ۾ ڪو عيب ناهي، البت! هن کي چغلخوري جي عادت آهي. اُن شخص کي ديني معلومات گهٽ هئي، جيئن ته ان اهو غلام خريد ڪيو، هاڻي اهو غلام پنهنجي آقا جي خدمت ۾ رهڻ لڳو، ڪجھ ڏينهن گذريا ته ان جي چغلخوري جي رگ ڦڙڪي، هڪ ڏينهن اهو پنهنجي آقا جي گهرواري وٽ ويو ۽ چيائين: بيگم صاحبه! مونکي افسوس آهي ته اوهان جي مڙس کي اوهان سان ٿوري به محبت ناهي رهي، هاڻي هو  ٻيءَ شاديءَ جي چڪر ۾ آهي پر اوهان پريشان نه ٿيو، مون وٽ ان جو حل به آهي. اوهان بس پنهنجي مڙس جي ڪنڌ جا وار ڪٽي ڪري مونکي ڏئي ڇڏيو! باقي سڀ مان سنڀالي وٺندُس.


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی ،پارہ:1 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:11 ،جلد:1 ،صفحہ:171۔