Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy
اختيار ڪيو، آخرڪار قابيل ۽ ان جي اولاد جو ڪفر ۽ انهن جون ٻيون برايون معاشري ۾ سمائجي ويون، پوءِ اهو وقت به آيو جو ماڻهن ڪفر ۽ گناھ جي انهيءَ رستي کي درست سمجهي ورتو، ايستائين جو زمين ڪفر ۽ گناھ سان ڀرجي وئي، تڏهن الله پاڪ حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام کي موڪليو، پاڻ ساڍا 9 سئو سال ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا رهيا، انهن کي انهن جي اصل دين، اصل راھِ هدايت جي طرف سڏيندا رهيا پر ماڻهن جون دليون ڪفر تي پڪيون ٿي چڪيون هيون، هاڻي اهي ماڻهو غلط رستي کي ئي درست سمجهي ويٺا هئا، آخر اهو ئي ٿيو جيڪو ٿيڻو هو، الله پاڪ سيلاب جو عذاب موڪليو، جنهن سڀني ڪافرن کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو.[1]
هي آهي زمين ۾ فساد...!! ان جي شروعات ڪٿان کان ٿي؟ اها نفرت ۽ بيزاري جيڪا قابيل جي اولاد کان رکڻ جي حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام نصيحت فرمائي هئي، جڏهن دلين مان اها نفرت ۽ بيزاري ختم ٿي ته فساد پکڙجڻ شروع ٿي ويو. ان ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته اسان برائي کا نفرت ئي ڪندا رهون.
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ رَاٰی مُنْکَراً فَلْیُغَیِّرْہٗ بِیَدِہٖ جيڪو برائي کي ڏسي ته ان کي پنهنجي هٿ سان مَٽائي ڇڏي، جيڪڏهن هٿ سان نٿو مٽائي سگهي فَبِلِسَانِہٖ ته پنهنجي زبان سان مٽائي ۽ جيڪڏهن زبان سان به نٿو مٽائي سگهي فَبِقَلْبِہٖ ته ان برائي کي پنهنجي دل ۾ بُرو ڄاڻي ۽ فرمايائون: هي ايمان جو سڀ کان ڪمزور درجو آهي.[2]
ڏسو! ڪيڏو واضح اشارو آهي، ڪوبه مسلمان جڏهن ڪابه برائي ڏسي، جيتوڻيڪ اها عقيدي جي برائي هجي، جيتوڻيڪ اها عمل جي برائي هجي، ڪردار جي برائي هجي يا گفتار جي برائي هجي، اسان مان هر هڪ جي