Book Name:Biwi Ke Huqooq (Qist 1)
آهي، تنهنڪري ان ڏينهن جي قيمت جو اعتبار آهي، جنهن ڏينهن نڪاح ٿيو. مثال طور، 10 اپريل 2025 تي چاندي جي قيمت 3161 روپيا في تولو آهي، ان حساب سان مهر جي گهٽ ۾ گهٽ مقدار لڳ ڀڳ 8298 روپيا ٺهي ٿئي.
وضاحت: نفقي ۾ 3 شيون شامل آهن: * کائڻ، پيئڻ * ڪپڙا * ۽ رهڻ جو گهر.[1] سال ۾ زال کي 2 جوڙا ڪپڙا ڏيڻ واجب آهي. [2]۽ زال جي رهائش لاءِ الڳ ڪمري جو بندوبست به مڙس جي ذميواري آهي، جيڪو شرعاً فرض آهي.[3]
ٽيون حق: اَمرٌ بِالمَعرُوفِ وَ نَهيٌ عَنِ المُنڪَر (نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ/روڪڻ)
وضاحت: زال جي حقن مان هي به آهي ته مڙس کيس * نيڪي جي دعوت ڏيندو رهي * ۽ برائي کان روڪيندو/منع ڪندو رهي. کيس * نماز * روزي * قرآن پاڪ جي تلاوت وغيره ٻين نيڪ ڪمن جو حڪم ڏئي. * بي پردگي وغيره جهڙن برن ڪمن کان روڪي. جيئن ته قرآن ڪريم ۾ آهي:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ اَهْلِیْكُمْ نَارًا (التحریم:06)
ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر وارن کي (ان) باهه کان بچايو.
پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: ”ماڻهو