Biwi Ke Huqooq (Qist 1)

Book Name:Biwi Ke Huqooq (Qist 1)

پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:  ماڻهن ۾ سڀني کان بدترين اهو شخص آهي جيڪو پنهنجي اهل خانه (گهر وارن) تي تنگي ڪري ٿو. عرض ڪيو ويو: يا رسولَ اللہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم !  تنگي ڪرڻ وارو ڪيئن تنگي ڪندو آهي؟ فرمايائون: جڏهن اهو گهر ۾ داخل ٿيندو آهي ته ان جي زال ان کان ڊڄندي آهي، ان جو ٻار ڀڄي ويندو آهي، ۽ جيئن ئي اهو گهر کان ٻاهر نڪرندو آهي ان جي زال ۽ ٻيا گهر وارا خوش ٿي ويندا آهن (ڄڻ تہ انهن تان ڪا مصيبت ٽري وئي هجي).[1]

زال جا 3 حق

انسان جي اهم ترين رشتن مان هڪ مڙس ۽ زال جو رشتو به آهي، اسلام مڙس ۽ زال جا ڪيترائي حق بيان ڪيا آهن، جن کي ادا ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪڏهنڪڏهن مڙس ۽ زال هڪ ٻئي جي حقن جو خيال نه رکڻ سبب گهر ٽٽي پوندو آهي. اڄ اسان زال جا 3 حق سکڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.

پهريون حق: مِهر ادا ڪرڻ

وضاحت:  مِهر ادا ڪرڻ واجب آهي [2] قرآن ڪريم ۾ آهي.

فَاٰتُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ فَرِیْضَةًؕ-

(پارہ:5، النساء :24)

ترجموڪنزالعرفان: انهن جا مقرر ڪيل مهر انهن کي ڏئي ڇڏيو.

 مهر جي گهٽ ۾ گهٽ مقدار 10 درهم آهي، يعني 2 تولا ۽ ساڍا 7 ماشا چاندي يا ان جي قيمت  آهي.[3] چاندي جي قيمت گهٽ وڌ ٿيندي رهندي


 

 



[1] معجم اوسط ،جلد:6،صفحہ:687،حدیث:8798۔

[2] فتاوی اہلسنت ،فتوی نمبر:pin:5797۔

[3] فتاوی رضویہ ،جلد:12،صفحہ:162،ملخصاً۔