Book Name:Biwi Ke Huqooq (Qist 1)
(1) مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2) دعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3) جائزو: 5 منٽ: ڪل دورانيو: 15 منٽ
اڄ سکڻ سيکارڻ جي مدني حلقن ۾”زال جا 3 حقوق“ جي موضوع تي مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ ”نئون لباس پائڻ جي دعا“ ياد ڪرائي ويندي، دعا ياد ڪرائڻ کان بعد اجتماعي جائزو ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
درود شريف جي فضيلت
فرمانِ آخري نبي، رسولِ ہاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: مون تي درود پاڪ پڙهڻ پُلصراط تي نور آهي، جيڪو جُمعي جي ڏينهن مون تي 80 ڀيرا درود پاڪ پڙهي اُن جا 80 سالن جا گناھ مُعاف ٿي ويندا. [1]
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
آيتِ ڪريمه
وَ لَهُنَّ مِثْلُ الَّذِیْ عَلَیْهِنَّ بِالْمَعْرُوْفِ۪-
(پارہ:2،البقرہ:228)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ شريعت موجب عورتن جا بہ مردن تي اهڙا ئي حق آهن جهڙا مردن جا عورتن تي.
يعني جيئن عورتن تي مڙسن جا حق ادا ڪرڻ واجب آهن، تيئن ئي مڙسن تي به عورتن جا حق ادا ڪرڻ لازم آهن.[2]
فرامينِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: