ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza

ڏندڻ ڏيڻ جون سنتون ۽ آداب

       2 فرامينِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): ٻه رڪعتون ڏندڻ ڪري پڙهڻ بغير مسواڪ جي 70  رڪعتن کان افضل آهن.([1]) (2): مسواڪ (ڏندڻ) جو استعمال پنهنجي لاءِ لازمي ڪري ڇڏيو ڇو ته ان ۾ وات جي صفائي ۽ الله پاڪ جي رضا آهي.([2])

اي عاشقانِ رسول! * حضور نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر رات ڪيترائي ڀيرا مسواڪ ڪندا هئا، هر ڀيرو سمهڻ وقت به ۽ بيدار ٿيڻ وقت به. * بغير سٺي نيت جي مسواڪ ڪرڻ سان طبعي فائدا (Physical Benefits) ته حاصل ٿيندا مگر ثواب نه ملندو. مثال طور وضو جي لاءِ مسواڪ ڪرڻو هجي ته هن طرح ٽي نيتون ڪري وٺو: رضاءِ الٰهي، سنت جي ادائيگي ۽ ذڪر و درود لاءِ وات کي پاڪيزه ڪرڻ جي غرض سان مسواڪ ڪندس. * مشائخِ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص مسواڪ جو عادي هوندو مرڻ وقت ان کي ڪلمو نصيب ٿيندو. * حضرت عبد الله ابن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ 10 خوبيون (Qualities) آهن: وات صاف ڪندو آهي، مَهارون (Gums) مضبوط بڻائيندو آهي ، نظر تيز ڪندو آهي، بلغم (Phlegm) دور ڪندو آهي، وات جي بدبو ختم ڪندو آهي، سنت جي موافق آهي، مسواڪ ڪرڻ واري کان فرشتا خوش ٿيندا آهن، مسواڪ ڪرڻ سان رب راضي ٿيندو آهي، مسواڪ نيڪي وڌائيندو آهي ۽ معدو(Stomach)  درست ڪندو آهي  * مسواڪ ساڄي هٿ ۾ اهڙيءَ طرح پڪڙيو جو چيچ      (ننڍي آڱر) ان جي هيٺان ۽ وچيون ٽي آڱريون مٿان ۽ آڱوٺو چوٽي تي هجي * مسواڪ جڏهن ناقابلِ استعمال ٿي وڃي ته ان کي اڇلايو نه ڇو ته اهو سنت ادا ڪرڻ جو ذريعو (اوزار)  آهي، احتياط سان ڪنهن جاءِ تي رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا پٿر وغيره وزن ٻڌي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.([3])

ياد رهي ته روزي جي حالت ۾ به مسواڪ ڪرڻ سنت آهي، البته اهڙو مسواڪ جنهن کي چٻاڙڻ سان ريشا نڪري اچن يا وات ۾ ذائقو محسوس ٿئي ته ان جي استعمال کان پاسو ڪجي.


 

 



[1]... اَلتَّرغِیْب وَالتَّرہیب، كتاب: الطہارۃ، الترغیب فی السواک، صفحہ:86، حدیث:18۔

[2]... مسند امام احمد، جلد:2، صفحہ:438، حدیث:5869۔

[3]... 550 سنتیں اور آداب، صفحہ:47-50۔