Book Name:ALLAH Aur Rasool Ke Sher Hazrat Ameer Hamza
تي رات (9 بجي ۽ 15منٽ) تي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخِ طريقت، امير اهلسنت مولانا الياس عطّار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سوالن جا جواب پڻ عنايت فرمائيندا آهن. تمام ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو. * شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه يا خليفهءِ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب به ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”طلبه جي باري ۾ 18 سوال جواب“ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن، رضاءِ الٰهي ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ هي رسالو ٻين کي به شئير (Share) ڪريو *! مڪتبة المدينه پيش ڪري رهيو آهي قرآن، حديث، عقائد تصوف ۽ فقه ۾ مڪمل مهارت رکندڙ ماهر عالم اعلى حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرت جي مختلف پهلوئن تي لکيل ڪتاب ”فيضانِ امام اهلسنت“: اڄ ئي مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان هن ڪتاب کي 415 روپين ۾ قيمت ڏئي طلب فرمايو، پاڻ به مطالعو ڪيو ۽ ٻين کي به ان جي مطالعو ڪرڻ جي دعوت ڏيو!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ منهنجي سان گڏ هوندو.([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد