Quran Kareem Ke 3 Huqooq

Book Name:Quran Kareem Ke 3 Huqooq

رات ويٺل رهيس ۽ ان طرف پير نه ڪيا، بس انهيءَ سبب الله پاڪ مون کي معاف ڪري ڇڏيو[1].

دهرائي
اَڄ اسان قرآن پاڪ جا 3 حق سکيا: (1) قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ (2) قرآن پاڪ تي عمل ڪرڻ (3) قرآن پاڪ جي تعظيم ڪرڻ.

سکڻ سيکارڻ جي  حلقن  ۾   ياد  ڪرائي  ويندڙ   دعا

سڙي پوڻ تي  پڙهڻ جي دعا

اَذْھِبِ الْبَأْسَ رَبَّ النَّاسِ اِشْفِ اَنْتَ الشَّافِیْ لَاشَافِیْ اِلَّااَنْتَ

ترجمو: اي سڀني ماڻهن جا رب! تڪليف دور فرماءِ، شفا ڏي، تون ئي شفا ڏيڻ وارو آهين، توکان سواءِ ڪو شفا ڏيڻ وارو ناهي. [2]

اجتماعي جائرو  وٺڻ  جو  طريقو  (72 نيڪ اعمال)

  يوميه 56  نيڪ اعمال

(1) سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2) پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟
(3) هر نماز کان اڳ ۾ نماز جي دعوت ڏني؟ (4) رات جو سُورةُ المُلۡڪ پڙهي يا ٻُڌي ورتي؟ (5) هر نماز کان پوءِ آيَةُ الۡڪُرسِي، تسبيحِ فاطمہ ۽ سُورتُ الاِخۡلاص پڙهي؟ (6) ڪنزالايمان مان گهٽ ۾ گهٽ ٽي آيتون يا صراط الجنان مان ٻه صفحا پڙهي يا ٻُڌِي ورتا؟ (7) شَجري شريف جا اوراد پڙهي ورتا؟ (8) 313 ڀيرا درود شريف پڙهي ورتو؟ (9) اکين کي گناهن کان بچايو؟ (10) ڪنن کي گناهن کان بچايو؟ (11) پاڻ کي بدنگاهي کان بچائيندي نظرون جهڪائي رکيون؟


 

 



[1] دلیل العارفین ،مجلس:5،صفحہ:27،28۔

 [2] سنن الکبری للنسائی ،جلد:9،صفحہ:376،حدیث:10797،مدنی پنج سورہ،صفحہ:219۔