Quran Kareem Ke 3 Huqooq

Book Name:Quran Kareem Ke 3 Huqooq

         وَ هٰذَا كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ مُبٰرَكٌ فَاتَّبِعُوْهُ وَ اتَّقُوْا لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَۙ(۱۵۵) (پارہ:8،الانعام :155)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ هي برڪت وارو ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي، ته توهان ان جي پيروي ڪيو.

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هن مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن پاڪ جو هڪ حق اهو آهي ته ان مبارڪ ڪتاب جي پيروي ڪئي وڃي ۽ ان جي احڪام جي خلاف ورزي کان بچڻ گهرجي[1].

ٽيون حق: قرآن پاڪ جي تعظيم ڪرڻ

وضاحت: قرآن پاڪ جو ٽيون حق دل سان ان جي تعظيم ڪرڻ آهي. قرآن پاڪ جي تعظيم ڪرڻ فرض[2] ۽ توهين ڪفر آهي.[3] قرآن پاڪ جي تعظيم جا طريقا: * جيئن تلاوت ڪرڻ کان پوءِ ان کي صاف سٿري ۽ سٺي غلاف ۾ ويڙهي ڪري اوچي جاءِ تي رکڻ. * جيترو ٿي سگهي، سٺي آواز سان ان جي تلاوت ڪرڻ. * جڏهن ان جي تلاوت ٿي رهي هجي، ته خاموشي سان ادب سان ٻڌڻ. * ان جي طرف پير نه ڦهلائڻ. * ان کان مٿي نه ويهو. سلطان محمود غزنوي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ کي وفات کان پوء ڪنهن خواب ۾ ڏٺو ۽ پڇيو: الله پاڪ توهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ سلطان محمود غزنوي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  فرمائڻ لڳا: هڪ ڀيرو مان ڪنهن جاءِ تي مهمان هيس، جتي جنهن ڪمري ۾ مون کي ترسايو ويو، اتي پيرن جي طرف قرآن پاڪ رکيل هو. مون سوچيو ته قرآن پاڪ کي ٻاهر موڪلي ڇڏيان، پر پوءِ اهو خيال آيو ته مان پنهنجي آرام لاءِ قرآن پاڪ کي ٻاهر ڇو ڪڍان؟ بس اهو سوچي ڪري مون قرآن پاڪ جي تعظيم ڪئي ۽ سڄي


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان،پارہ:8،سورۃ الانعام ،تحت الآیت :155،جلد:3،صفحہ:247۔

[2] فتاوی شارح بخاری ،جلد:1،صفحہ:237۔

[3] کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب ،صفحہ:194۔