Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat
اهو چئو جيڪو نه ڪيو!
ڪوڙ ڳالهائڻ، امانت ۾ خيانت ڪرڻ، واعدي خلافي ڪرڻ، اهي سڀ ظاهر ۽ باطن جي اختلاف جون ئي صورتون آهن ۽ حديثن ۾ به انهن کي منافق جون نشانيون قرار ڏنو ويو آهي. جيئن:
سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب وسينه صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: چار ڳالهيون اهڙيون آهن جو اهي جنهن ۾ به هجن اهو خالص منافق آهي توڙي جو نمازون پڙهي، روزا رکي ۽ پاڻ کي مسلمان سمجهي ۽ جنهن ۾ انهن مان هڪ خصلت موجود هجي ته ان ۾ نفاق جو هڪ شعبو موجود آهي ايسيتائين هو ان کي ڇڏي ڏئي: (1): اِذَا اُئْتُمِنَ خَانَ امانت ڏجيس ته خيانت ڪري (2): وَاِذَا حَدَّثَ كَذِبَ جڏهن ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي (3): وَاِذَا عَاہَدَ غَدَرَ واعدو ڪري ته پورو نه ڪري (4): وَاِذَا خَاصَمَ فَجَرَ جهيڙو ڪري ته گاريون ڏئي. ([1])
اهڙي طرح منافق جون ٻيون به ڪيتريون ئي نشانيون آهن ۽ جنهن ۾ اهي برايون هجن، اهو جيتوڻيڪ مسلمان ئي آهي پر ان جو ڪردار، ان جا عمل منافقن جهڙا آهن. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان اهڙين براين کان هر دم بچندا رهون، پنھنجو ظاهر ۽ باطن هڪ جهڙو رکون. الله پاڪ اسان کي نفاقِ اعتقادي ۽ نفاقِ عملي ٻنهي کان محفوظ فرمائي.
ہوں بظاہِر بڑا نیک صُورت کر بھی دے مجھ کو اب نیک سیرت