Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat
آهي.
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هي ٻه آيتون جيڪي اسان ٻڌڻ جو شرف حاصل ڪيو، انهن مان اسان کي ڪيتريون ئي ڳالهيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون. ٻه اهم بنيادي سبق جيڪي هتي کان اسان کي سکڻ لاءِ مليا:
(1): ظاهر ۽ باطن جي تضاد کان بچو...!!
انهن مان پهريون درس ته هي آهي ته ظاهر ۽ باطن جو تضاد هڪ وڏو عيب آهي. منافقن جو اصل جرم ڪهڙو هو؟ اهو ئي ته هو ته انهن جو باطن انهن جي ظاهر جي برعڪس هو، اهي دل ۾ ڪفر لڪائي زبان سان ڪلمو پڙهندا هئا. تنهنڪري اسان کي منافقن واري هن عيب کان هر وقت بچڻ گهرجي.
ظاهر ۽ باطن جو تضاد جيڪڏهن ايمانيات جي معاملي ۾ هجي، يعني بندو دل ۾ ڪفر لڪائي زبان سان ڪلمو پڙهي، ته اهو نفاقِ اعتقادي آهي ۽ اهو بدترين ڪفر آهي. ان کان علاوهه جيڪڏهن اهو تضاد ايمانيات جي معاملي ۾ نه هجي بلڪه عملن ۽ ڪردار جي معاملي ۾ هجي ته اهو جيتوڻيڪ ڪفر ته ناهي، پر اهو به هڪ وڏو عيب آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
كَبُرَ مَقْتًا عِنْدَ اللّٰهِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا لَا تَفْعَلُوْنَ(۳) (پارو: 28، سورة صف، آيت: 3)
ترجمو ڪنز العرفان: الله جي ويجهو هيءَ وڏي سخت ناپسنديدهه ڳالهه آهي جو توهان