Khud Fraibi Ke Nuqsanat

Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat

الله پاڪ جا خليفهءِ اعظم آهن * ربِ قدير پنھنجي حبيب صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي مَاکَانَ وَ مَا یَکُوْنُ (يعني جيڪو ٿي چڪو، جيڪو ٿيندو) سڀ جو علم عطا فرمايو آهي * پاڻ صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ته شروع کان ئي هر هڪ جي حقيقت ۽ هر هڪ جي انجام کان خبردار آهن * پاڻ معراج جي رات سڀني غير مسلمن ۽ تمام اهلِ ايمان کي ڏسي آيا * اوهان صحابهءِ ڪرام عليهم الرضوان کي به جنتين ۽ دوزخين جي نالن جا رجسٽر ڏيکاريا * اوهان صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم وڏي کان وڏي غير مسلم جي ايمان آڻڻ جي خبر ڏني ته اهو آخرڪار مسلمان ٿي ئي هن دنيا مان ويو * جنهن جي متعلق ڪفر تي مرڻ جي خبر ڏنائون، اهو غير مسلم ٿي هلاڪ ٿيو. اهڙي باڪمال رسول، رسولِ مقبول صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جيڪي سڀني جي حقيقت ۽ سڀني جي انجام کان خبردار هجن، انهن کي ڀلا ڪيئن ڌوڪو ڏئي سگهجي ٿو؟ ([1])

تنهنڪري سچ اهو آهي ته هِي منافق ماڻهو پاڻيءَ تي ديوار ٺاهڻ جي فڪر ۾ آهن، يعني ناممڪن ڪمن جي پويان آهن، اهي سمجهن ٿا ته زبان سان ڪلمو پڙهي، ظاهري طور پنھنجي ايمان جو اظهار ڪري ۽ دل ۾ ڪفر لڪائي الله پاڪ کي، ان جي پياري محبوب صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي ۽ اهلِ ايمان کي ڌوڪو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، پر حقيقت هيءَ آهي ته هي بدبخت خود فريبي ۾ مبتلا آهن، پنھنجو پاڻ کي ئي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن پر کين شعور ئي نه


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:9، جلد:1، صفحہ:164 و 165 ملخصاً۔