Share this link via
Personality Websites!
معلوم ٿيو ته منافقن کي غير مسلمن کان به وڌيڪ سخت عذاب ٿيندو.([1]) اَلْاَمان وَالْحَفِیْظ! الله پاڪ اسان کي دوزخ جي عذاب کان محفوظ فرمائي.
اِلٰہی ! جہنّم سے آزاد کر دے میں فِردوس میں داخلہ مانگتا ہوں
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! منافق جيئن ته نهايت سخت، بدتر ۽ سڀني کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ وارا آهن، ان ڪري الله ڪريم هن مقام تي انهن جو تفصيل سان ذڪر فرمايو، انهن جون نشانيون، انهن جو بدتر ڪردار ۽ عيب واضح طور بيان ڪيا ته جيئن مسلمان انهن کي سڃاڻن ۽ انهن جي شر کان محفوظ رهن.([2]) جيئن ته الله ڪريم فرمايو:
وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یَّقُوْلُ
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ڪجهه ماڻهو چون ٿا
هتي منافقن کي ”ڪجهه ماڻهو“ چئي مخاطب ڪيو ويو، مطلب هي آهي ته منافق ان لائق ئي نه آهن جو انهن جو ذڪر ڪنهن صفت يا خوبي سان ڪيو وڃي.([3]) بس اهي ڪجهه بدبخت ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا. ڇا ٿا چون ؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami