Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat
مسجد ۾ اچي ويندا آهن، نتيجي ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ مسجد جي فرش تي، فراسين تي وضوءَ جي پاڻيءَ جا قطرا ڪرندا رهندا آهن، فراسيون گنديون ٿينديون آهن، انهن ۾ جراثيم پلجندا آهن ۽ اسان کي ئي نقصان پهچائيندا آهن. ان سان گڏوگڏ اها مسجد جي بي ادبي به آهي. مسجد الله پاڪ جو گهر آهي، ان جو ادب ڪرڻ نهايت ضروري آهي. تنهنڪري: * حق ته اهو آهي ته اسان گهران وضو ڪري اچون * جيڪڏهن مسجد ۾ ئي اچي وضو ڪريون ته به وضوخاني تي ئي وضوءَ جا عضوا ڪنهن حد تائين خشڪ ڪري بعد ۾ مسجد ۾ داخل ٿيون ته جيئن مسجد جي فرش تي وضوءَ جي پاڻي جا قطرا نه ڪرن * اهڙي طرح پير به وضوخاني تي ئي سڪائي ڇڏجن * ساڳي ريت ڏاڙهيءَ جو لحاظ رکڻ تمام ضروري آهي، ڏاڙهيءَ کي جيڪڏهن ڪپڙي وغيره سان خشڪ ڪيو وڃي تڏهن به ڪجهه قطرا وارن ۾ اٽڪيل رهجي ويندا آهن، تنهنڪري بهتر آهي ته وضوءَ کان پوءِ وضوخاني تي ئي ڏاڙهيءَ ۾ ڦڻي ڪري ڇڏجي، ان جي برڪت سان تنگدستي به دور ٿيندي آهي ۽ مسجد ۾ وضوءَ جو پاڻي ڪرڻ کان به حفاظت رهندي آهي * مرحوم رڪنِ شورى حاجي زم زم عطاري رَحمۃُاللہِ عَلَیْہِ جي عادت مبارڪ هئي ته نماز جي دوران سجدي واري جاءِ تي جتي ڏاڙهي هوندي آهي، اُتي ڪپڙو رکندا هئا ته جيئن ڏاڙهيءَ مان وضوءَ جي پاڻي جو باقي رهيل ڪو قطرو ٽپڪي به ته مسجد جي فرش تي نه پر پنھنجي ذاتي ڪپڙي تي ڪِري.
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد