Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat
ڪلمو ۽ دعا (Kalma &Dua) ايپ جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپليڪيشن ”ڪلمو ۽ دعا“ (Kalmm & Dua) جي نالي سان جاري ڪئي آهي. هن ايپليڪيشن جي ذريعي تمام آسان انداز سان ٻارن جي تربيت ڪري سگهجي ٿي * هن ايپليڪيشن ۾ ٻارن جي لاءِ 6 ڪلما آڊيو جي صورت ۾ لفظن جي ادائيگي ۽ ترجمي سان * روزمرهه جون 16 مختلف دعائون، مثلاً پاڻي پيئڻ جي دعا * کاڌو کائڻ کان پهريان ۽ بعد ۾ پڙهي ويندڙ دعا * کير پيئڻ جي دعا * سمهڻ وقت جي دعا وغيرهه لفظن جي ادائيگي ۽ ترجمي سان ۽ مختلف موضوعن تي سنتون ۽ آداب وغيرهه شامل آهن. پنھنجي موبائل ۾ هيءَ ايپليڪيشن انسٽال ڪري فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي اچو ته هڪ شرعي مسئلو ٻڌون ٿا:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلطي جي نشاندهي)
مسئلو: مسجد جي فرش تي وضوءَ جا قطرا ڪيرائڻ گناهه آهي.
وضاحت: اسان وٽ هيءَ غلطي تمام عام آهي. عام طور ماڻهن کي مسئلو معلوم نه هوندو آهي، وضوخاني تي وضو ڪندا آهن ۽ وضوءَ وارا عضوا خشڪ ڪرڻ کان سواءِ ايئن ئي هٿ ڇنڊيندا