Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پارو: 1، سورة بقره جون ٻه آيتون (آيت: 8 ۽ 9) ٻڌڻ جو شرف حاصل ڪيو، هتي (يعني آيت: 8) کان آيت نمبر 20 تائين ڪل 13 آيتن ۾ منافقن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي.
سورة بقره ۾ هن مقام تي ٽن قسمن جي ماڻهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي: (1) متقين: يعني اهي مخلص مسلمان جن دل سان به ايمان قبول ڪيو ۽ زبان سان به ان جو اقرار ڪيائون، اهي ئي ماڻهو هدايت تي آهن، اهي ئي ڪامياب آهن، اِهي ئي اُهي خوش نصيب آهن جيڪي قرآنِ ڪريم جي هدايت کي قبول ڪندا آهن، ان مان فائدو حاصل ڪند آهن ۽ پنھنجي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. (2) اهي ماڻهو: جن نه زبان سان ايمان قبول ڪيو، نه انهن جي دل ۾ ايمان جو نور داخل ٿيو، اِهي غير مسلم، ضدي، هٽ ڌرم آ هن، انهن جي دلين تي، ڪنن تي مُهر لڳي چڪي آهي، اکين تي پردا آهن ۽ آخرت ۾ انهن جي لاءِ وڏو عذاب آهي. (3) اهي بدبخت ماڻهو: جن زبان سان ته ڪلمو پڙهيو پر انهن جي دل ۾ ايمان داخل نه ٿيو، انهن دل ۾ ڪفر لڪايو ۽ ڪوڙي منھن سان ڪلمو پڙهيائون، اهي منافق آهن، اهي ئي سڀ کان بدتر غير مسلم آهن، انهن جي ئي متعلق الله ڪريم فرمايو:
اِنَّ الْمُنٰفِقِیْنَ فِی الدَّرْكِ الْاَسْفَلِ مِنَ النَّارِۚ (پارو:5، سورة نِسَآء، آيت:145)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺين طبقي ۾ آهن