Khud Fraibi Ke Nuqsanat

Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat

سبب) بخشي ڇڏيو آهي ۽ عبادت گذار جا عمل (ان جي تڪبر جي ڪري) ضايع ڪري ڇڏيا آهن. ([1])

      الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! هي ڪيڏو وڏو نقصان آهي، تڪبر جي ڪري عبادت گذار جي عبادت ضايع ٿي وئي ۽ عاجزي جي برڪت سان گنهگار کي بخشش جو پروانو نصيب ٿي ويو.

      اها آهي خود فريبي...!! اسان نه ٿا ڄاڻون ته الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ڪير مقبول آهي، ڪير بخشيل آهي ۽ ڪير جهنم جو حقدار آهي، تنهنڪري اسان کي هميشه الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندي عاجزي جو پتلو ئي بڻيو رهڻ گهرجي.

بيان جو خلاصو

      اسان قرآن ڪريم جي روشني ۾ منافقن جا ٻه عيب ٻڌا: (1): منافقن جو ظاهر ڪجهه ۽ باطن ڪجهه هوندو آهي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان پنھنجو ظاهر ۽ باطن هڪجهڙو رکون. (2):  منافق خود فريبي ۾ مبتلا رهندا آهن، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان خود فريبي کان بچندا رهون، ٻين کي ڌوڪو ڏيڻ، ٻين تي ظلم ڪرڻ، الله پاڪ جي رحمت مان اميد جي بنياد تي گناهن ۾ مبتلا رهڻ، تڪبر وغيرهه اهي سڀ خود فريبي جون صورتون آهن، انهن کان به اسان کي بچڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. آمين بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن    صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم.

 صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                         صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...احیاء العلوم، کتاب ذَمِّ الکبر و العجب، جلد:3، صفحہ:328۔