Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat
دونوں جہاں کے درمیاں
ہے فاصلہ اِک سانس کا
جو آگئی تو یہ جہاں
گر رُک گئی تو وہ جہاں
اها اسان جي حقيقت آهي، اها اسان جي حيثيت آهي. اسان کي تڪبر کان هميشه بچندو رهڻ گهرجي.
منقول آهي: بني اسرائيل ۾ هڪ تمام گنهگار شخص هو، هڪ دفعي ان جو گذر هڪ وڏي عبادت گذار جي ڀرسان ٿيو، ان عبادت گذار جي مٿي تي ڪڪر سايو ڪري رهيا هئا، ان گنهگار شخص پنھنجي دل ۾ سوچيو ته: مان بني اسرائيل جو انتهائي گنهگار شخص آهيان ۽ هي وڏو عبادت گذار آهي، جيڪڏهن مان هن جي قرب ۾ ويهان ته اميد آهي ته الله پاڪ مون تي به رحم فرمائي. اهو سوچي هو ان عابد جي ڀر ۾ ويهي رهيو. عابد کي ان جو ويهڻ تمام ناگوار لڳو، هن دل ۾ سوچيو: ڪٿي مون جهڙو عبادت گذار ۽ ڪٿي هي انتهائي گنهگار! هي منھنجي ڀرسان ڪيئن ٿو ويهي سگهي!
تنهنڪري هن تمام گهڻي حقارت سان ان ماڻهو کي مخاطب ٿيندي چيو: هتان اٿي وڃ! ان تي الله پاڪ ان زماني جي نبي عليه السلام کي وحي موڪلي ته انهن ٻنهي کي فرماءِ ته هو پنھنجا عمل نئين سِر شروع ڪن، مون ان گنهگار کي (ان جي حسنِ ظن جي