Khud Fraibi Ke Nuqsanat

Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat

عَفْو کر اور سدا کے لئے راضی ہو جا                  گر کرم کر دے تَو جنّت میں رہوں گا یارَبّ !

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

تڪبر کان بچو...!!

      پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙي ريت تڪبر به هڪ خود فريبي آهي، تڪبر ڪرڻ وارو پنھنجو پاڻ کي اعلى ۽ افضل جڏهن ته ٻين کي حقير سمجهي رهيو هوندو آهي، پر حقيقت ان جي اُبتڙ هوندي آهي، اهڙي طرح هو پنھنجين اکين ۾ پاڻ ئي مٽي وجهي رهيو هوندو آهي. ڏسو! شيطان تڪبر ڪيو، هن پنھنجو پاڻ کي بهتر ۽ حضرت آدم عليه السلام کي مَعَاذَ اللہ! گهٽ سمجهيو، جڏهن ته حقيقت ڇا هئي؟ حضرت آدم عليه السلام اشرف المخلوقات آهن ۽ شيطان ذليل...!! پر شيطان خود فريبي يعني تڪبر ۾ مبتلا ٿي پنھنجو پاڻ کي هميشه هميشه لاءِ ذليل ۽ رسوا ڪري ڇڏيو. تنهنڪري ماڻهو کي گهرجي ته هميشه عاجزي جو پيڪر بڻيو رهي، تڪبر ۾ مبتلا ٿي پنھنجين اکين ۾ مٽي نه وجهي.

      ٿورو غور ڪريو! اسان جي حيثيت ئي ڇا آهي؟ اسان مٽيءَ جا انسان آهيون، اسان جي پيدائش هڪ قطري مان ٿي، ماڻهو وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن جڏهن ته اسان بيحد ڪمزور آهيون، هڪ ساهه جي ڳالهه آهي، جيئن ئي ساهه رڪجي ويو، ڪو بادشاهه آهي يا وزير، مالدار آهي يا فقير، پهلوان آهي يا بيوس ۽ لاچار، سڀ مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندا آهن. ڪنهن شاعر چيو هو:  

اِک یہ جہاں، اِک وہ جہاں