Khud Fraibi Ke Nuqsanat

Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat

ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ هرگز نه ٿا ٿي سگهن، الله پاڪ فرمائي ٿو:  

اَفَنَجْعَلُ الْمُسْلِمِیْنَ كَالْمُجْرِمِیْنَؕ(۳۵) مَا لَكُمْٙ-كَیْفَ تَحْكُمُوْنَۚ(۳۶)

(پارو: 29، سوره قلم، آيت: 35، 36)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ ڇا اسان مسلمانن کي مجرمن جهڙو ڪري ڇڏيون، توهان کي ڇا ٿيو؟ ڪهڙو حڪم لڳايو ٿا؟

 

      اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ نيڪوڪار ۽ گنهگار، نمازي ۽ بي نمازي، روزيدار ۽ روزا قضا ڪرڻ وارو، سخي ۽ ڪنجوس، ماءُ پيءُ جو فرمانبردار ۽ نافرمان برابر ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ نه ٿا ٿي سگهن. تنهنڪري جيڪو گناهه به ڪري، توبهه جي طرف مائل به نه ٿئي ۽ الله پاڪ کان جنت جي اميد به رکي، اهڙو ٻانهو خطا تي آهي. ٻيڙي پاڻيءَ تي هلندي آهي خشڪي تي نه هلندي آهي، ائين ئي گناهه جنت ڏانهن نه وٺي ويندا آهن، گناهه هميشه جهنم جو حقدار ئي بڻائيندا آهن. تنهنڪري جيڪو شخص الله پاڪ جي رحمت ۾ اميد رکي گناهه ڪري رهيو آهي، اهو خود فريبي جو شڪار آهي، پنھنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏئي رهيو آهي.

      اسان کي گهرجي ته اسان هن خمار مان نڪرون، خود فريبي ۾ مبتلا نه ٿيون، توبهه ڪريون، گناهه ڇڏيون، نيڪ عمل ڪريون پوءِ الله پاڪ جي رحمت ۾ اميد رکون. الله پاڪ اسان کي پنهنجي خفيه تدبير کان ڊچندو رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. آمين بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن      صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم 

آج بنتا ہوں معزز جو کھُلے حشر میں عیب                آہ ! رُسوائی کی آفت میں پھنسوں گا یارَبّ !

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی                      ہائے میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یارَبّ !