Khud Fraibi Ke Nuqsanat

Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat

ڌوڪو آهي.

بي وقوف ڪير...؟

      الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: اَلْعَاجِزُ مَنْ أَتْبَعَ نَفْسَہُ ہَوَاہَا وَتَمَنَّی عَلَی اللہ يعني بيوقوف آهي اهو شخص جيڪو نفساني خواهشن جي تابعداري جي باوجود الله پاڪ کان تمنا رکي. ([1]) 

      معلوم ٿيو ته اهڙو شخص جيڪو گناههِ ڪبيره ڪري، فرائض ڇڏي ڏي، واجبات ترڪ ڪري ڇڏي، پنھنجن گناهن کان توبهه به نه ڪري ۽ ان سان گڏ جنت جي اميد به لڳائي رکي ته اهڙو ماڻهو بيوقوف آهي.

      جڏهن الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم واضع ٻڌائي ڇڏيو آهي ته: * نماز نه پڙهڻ وارو جهنم جو حقدار آهي * فرض روزا قضا ڪرڻ وارو * فرض هجڻ جي باوجود زڪوٰت نه ڏيڻ وارو * ماءُ پيءُ جو نافرمان * پاڙيسرين کي تڪليف ڏيڻ وارو * مسلمان ڀائرن کي ناحق نقصان پهچائڻ وارو جهنم جو حقدار آهي، ته پوءِ اهي ڪم ڪرڻ وارو پاڻ کي جنت جو حقدار ڪيئن چَوِرائي سگهي ٿو؟ اوهان پاڻ غور ڪريو! هڪ ماڻهو آهي جيڪو الله پاڪ جي محبت ۾ نرم نرم بسترو ڇڏي رهيو آهي، پنھنجي ننڊ قربان ڪري رهيو آهي، صبح صبح اٿي نماز پڙهڻ جي لاءِ مسجد ۾ پهچي رهيو آهي ۽ ٻيو ماڻهو مٺي مٺي ننڊ جا مزا وٺي رهيو آهي، نمازون قضا ڪري رهيو آهي، ڇا اهي


 

 



[1]...ترمذی، ابواب صفۃ القیامۃ...الخ، صفحہ:583، حدیث:2459۔