Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat
وڪڻندا هئا ته هڪ داڻو وڌيڪ ڏيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: خرابي آهي ان جي لاءِ جيڪو هڪ داڻي جي بدلي ۾ اها جنت وڪڻي ٿو جنهن جي وسعت زمين ۽ آسمان کان وڌيڪ آهي ۽ ڪيتري نقصان ۾ آهي اهو شخص جيڪو وَيل (يعني جهنم) جي بدلي ۾ طُوبى (يعني جنت) کي وڪڻي ڇڏي ٿو. ([1])
اها آهي خود فريبي...!! اندازو لڳايو! جنت جا اهي عظيم الشان محل جن جي قيمت لاءِ دنيا جي سموري دولت به ڪجهه ناهي، ٻين کي ڌوڪو ڏيڻ وارو ڪجهه پئسن جي بدلي ۾ جنت جا اهي محل وڪڻي ٿو ڇڏي، اها خود فريبي ناهي ته پوءِ ٻيو ڇا آهي...؟؟ تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان خود فريبي کان بچون، هميشه امانتدار رهون، ڪنهن کي به ڌوڪو نه ڏيون.
مرے دِل سے دُنیا کی چاہت مٹا کر کر اُلفت میں اپنی فنا یااِلٰہی !
تُو اپنی وِلایت کی خیرات دیدے مرے غوث کا واسِطہ یااِلٰہی !
بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صَدْقہ گُنَاہوں سے ہر دَم بچا یااِلٰہی !
رحمت جي اميد تي گناهه نه ڪريو!
اهڙي طرح ”رحمت جي اميد تي گناهه ڪرڻ“ به خود فريبي آهي. الله پاڪ جي رحمت تي اميد رکڻ وڏي فضيلت واري ڳالهه آهي، اها اسان جي ايمان جو حصو آهي، رحمتِ رحمٰن ۾ اميد رکڻ نبين، ولين جو طريقو آهي، پر الله پاڪ جي رحمت جي اميد تي گناهن جو شڪار ٿي وڃڻ اها خود فريبي آهي، پنھنجو پاڻ سان