Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat
هي سمجهائڻ لاءِ هڪ واقعو آهي، پر ڳالهه واقعي سچي آهي ته جيڪو ٻين کي ڌوڪو ڏئي رهيو هوندو آهي، اهو سمجهي هي رهيو هوندو آهي ته مان وڏو عقلمند آهيان، وڏن وڏن کي بيوقوف بڻائي ويندو آهيان پر حقيقت اها آهي ته هو خود فريبي ۾ مبتلا آهي، ٻين کي نه پر پنھنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ ۾ مصروف آهي.
خريد و فروخت ۾ خود فريبي جا نقصانات
ڏسو! جيڪڏهن ماڻهو تور ۽ ماپ ۾ ڪمي نه ڪري، خريد ۽ وڪري ۾ سچ ڳالهائي، ڌوڪو نه ڏئي ته ان جو اهوئي ڪاروبار سٺي نيت سان هجي ته حلال ڪمائي جي ڪري بهترين عبادت ۾ شمار ٿيندو پر انهيءَ ئي ڪاروبار ۾ جڏهن ڌوڪو شامل ٿي وڃي ته اُلٽو گناهه بڻجي ويندو آهي. ڌوڪو ڏيڻ جي ڪري جيتوڻيڪ بظاهر مال اچي نظر اچي رهيو هوندو آهي پر ڏسو! وڃي ڇا رهيو آهي * دوکو ڏيڻ جي ڪري برڪت ختم ٿي وئي * ڌوڪو ڏيڻ جي ڪري عافيت رخصت ٿي وئي * ڌوڪو ڏيڻ جي ڪري مال ته آيو پر ان سان گڏ بيماري به اچي سگهي ٿي، قرضداري به اچي سگهي ٿي، آفتون به اچي سگهن ٿيون ۽ * سڀ کان وڏو نقصان اهو ته اهو ئي سودو جيڪڏهن ايمانداري سان ٿئي ها ته ان تاجر کي جنت جو حقدار بڻائي ها، پر جڏهن ان ۾ ڌوڪو اچي ويو، خيانت شامل ٿي وئي ته هاڻي هي سودو ان کي جهنم جو حقدار بڻائيندو.
هڪ بزرگ رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہِ جي عادت هئي ته جڏهن به ڪا شيءِ خريد ڪندا هئا ته اڌ داڻو گهٽ وٺندا هئا ۽ جڏهن ڪا شيءِ