Khud Fraibi Ke Nuqsanat

Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat

کي ڌوڪو ڏئي رهيا هوندا آهن.   

      هن واقعي مان ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو! هڪ شخص هو، ان کي مٽي کائڻ جي عادت هئي، هڪ ڀيرو هو ڪنهن دڪان تان چانور خريد ڪرڻ ويو، پراڻو دور هو، اڄ جي دور جيان اليڪٽريڪل ڪانٽا ته نه هوندا هئا، دڪاندار وٽ پراڻي دور جي سادي تارازي ۽ (وزن ڪرڻ لاءِ) مٽيءَ جا وَٽَ رکيل هئا، گراهڪ سودو گهريو، مثلاً چيائين: هڪ ڪلو چانور ڏي. دڪاندار مٽيءَ جا وَٽَ تارازي تي رکيا ۽ پاڻ اندر چانور کڻڻ ويو، ان سودو خريد ڪرڻ واري کي مٽي کائڻ جي عادت هئي، جڏهن دڪاندار اندر ويو ته هن چوري چوري وَٽَ مان مٽي کائڻ شروع ڪئي، دڪاندار ذهين هو، ان جي مٿس نظر پئجي وئي، جڏهن هن ڏٺو ته هي وَٽَ مان مٽي کائي رهيو آهي ته هن چانور کڻڻ ۾ ڄاڻي واڻي ٿورو وڌيڪ وقت لڳايو، ايتري دير تائين هي وَٽَ مان مٽي کائيندو رهيو، خير! ٿوري دير کان پوءِ دڪاندار انهيءَ ئي وَٽَ سان چانور توريا ۽ گراهڪ کي ڏئي ڇڏيائين، هو کڻي گهر هليو ويو، گهر پهچي جڏهن وزن ڪيائين ته چانور ٿورا هئا، وڏي ڪاوڙ  آيس، بڙبڙائيندو واپس دڪاندار وٽ آيو ۽ ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪندي چيائين: تون ڌوڪو ڏين ٿو، تو سودو پورو نه ڏنو آهي، مون هڪ ڪلو چانور گهريا هئا، هي ته گهٽ آهن...!!

      دڪاندار ان جي ڳالهه ٻڌي چيو: منھنجو هي وَٽُ پورو هڪ ڪلو جو هو، ان مان مٽي تو ئي کاڌي آهي، جيتري مٽي تو کاڌي، اوترو وزن گهٽجي ويو. تنهنڪري ڏوهه اصل ۾ منھنجو نه پر تنهنجو آهي.