Khud Fraibi Ke Nuqsanat

Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat

انهن جي نالن جي گونج آهي، خطبن ۾ انهن لاءِ دعائون ڪيون وڃن ٿيون، صحابهءِ ڪرام جي نالن جون محفلون مچن ٿيون، انهن جي نالن جا نعرا لڳن ٿا، صحابهءِ ڪرام جو نالو ٻڌي اڄ به نظرون ادب سان جهڪي وڃن ٿيون پر منافق...!! ڪيڏا نه بدبخت هئا، انهن به انهي ئي چهرهءِ پرنور جي زيارت ڪئي، اهوئي ڪلمه طيبه پڙهيو، مسجدِ نبوي شريف ۾ نمازون به پڙهيون پر اڄ انهن جو ڪو نالو به نه ٿو ڄاڻي، جيڪي ڄاڻن ٿا، اهي به انهن تي لعنت ئي موڪلين ٿا، نفرت ئي ڪن ٿا، انهن جو ادب ڪوئي نه ٿو ڪري.

      آخر اهي منافق ايڏي وڏي نقصان جا حقدار ڇو ٿيا؟ خود فريبي جي ڪري. اهي بدبخت الله پاڪ کي، ان جي پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي ۽ اهلِ ايمان کي ڌوڪو ڏيڻ چاهيندا هئا پر انهن ڌوڪو ڪنهن کي ڏنو؟

 وَ مَا یَخْدَعُوْنَ اِلَّاۤ اَنْفُسَهُمْ وَ مَا یَشْعُرُوْنَؕ(۹)

      اهي پنھنجو پاڻ کي ئي ڌوڪو ڏيندا رهيا پر انهن کي شعور نه آيو. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان خود فريبي کان هر وقت بچندا رهون. مثلاً:

 . ٻين کي ڌوڪو نه ڏيو!

      ٻين کي ڌوڪو ڏيڻ هڪ خود فريبي آهي * جيڪي تور ۽ ماپ ۾ گهٽتائي ڪندا آهن * شيءِ جو عيب لڪائي وڪرو ڪندا آهن * ناقص مال کي اعلى چئي وڪڻندا آهن * نوٽن جي دستيءَ ۾ نقلي نوٽ لڪائي ڏيندا آهن، اهي سمجهندا آهن ته اسان سامهون واري کي ڌوڪو ڏئي ڇڏيو، پر حقيقت ۾ اهي پنھنجو پاڻ