Khud Fraibi Ke Nuqsanat

Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat

لڳايو! * لَااِلٰہَ اِلَّا اللہ ُمُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہِ پڙهي ماڻهو مسلمان ٿي ويندو آهي پر منافق اهوئي ڪلمو پڙهي غير مسلم جو غير مسلم ئي رهيا * لَااِلٰہَ اِلَّا اللہ ُمُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہِ پڙهي ٻانهو جنت جو حقدار ٿي ويندو آهي پر منافق اهو ئي ڪلمو پڙهي جهنم جي سڀ کان هيٺين درجي جا مستحق بڻجي ويا * جيڪو شخص سچي دل سان ڪلمو پڙهي، ان جا اڳيان گناهه مٽجي وڃن ٿا پر منافقن جي گناهن ۾ واڌارو ٿي ويو.

      صحابهءِ ڪرام عليهم الرضوان مسجدِ نبوي شريف ۾ نمازون پڙهندا هئا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي چهريِ پرنور جي زيارت ڪندا هئا، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو پاڪيزهه ڪلام ٻڌندا هئا، بلڪل اهو ئي ڪم منافق به ڪندا هئا، اهي به مسجدِ نبوي شريف ۾ نمازون پڙهندا هئا، اهي به بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيندا هئا، اهي به چهرهءِ والضحى جي زيارت ڪندا هئا، پر فرق ڏسو ڪيڏو وڏو آهي: * انهيءَ ئي چهريِ والضحى کي ڏسڻ جي برڪت سان صحابه جنتي ٿي ويا پر منافق (پنھنجي نفاق جي ڪري) جهنم جا حقدار ٿيا * انهي ئي چهرهءِ پرنور کي ڏسڻ جي برڪت سان صحابهءِ ڪرام عليهم الرضوان قيامت تائين اچڻ وارن وڏن وڏن ولين، عالمن، صالحن، مطلب ته سڀني مسلمانن جا سردار بڻجي ويا ۽ منافق...!! لعنت جا حقدار بڻجي ويا * انهي ئي چهرهءِ پرنور جي زيارت جي برڪت صحابن کي نصيب ٿي، قيامت تائين انهن جي عزت، انهن جو احترام دلين ۾ داخل ڪيو ويو، اڄ تائين انهن جو ذڪر ڪتابن ۾ لکيو وڃي ٿو، منبرن تي