Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏا نه سولا سولا ڪم آهن:*سلام کي عام ڪرڻو آهي، يعني رستي کان گذرندي، دڪان تي، ڪاليج ۾، آفيس ۾، جڏهن به، جتي به مسلمان ڀاءُ سان ملاقات ٿئي، سڀ کان پهريان ان کي سلام ڪرڻو آهي*ماڻهن کي کاڌو کارائڻو آهي*۽ رات جو جڏهن ماڻهو سمهي پون ته گهٽ ۾ گهٽ 2 رڪعتون نماز پڙهڻي آهي، انهن ٽن سولن ڪمن جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جنت ۾ داخل ٿيڻ نصيب ٿي ويندو. 

سلام کي عام ڪرڻ جو نرالو جذبو

حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ صحابيءِ رسول آهن، سندن عادت ڪريمه هئي ته روزانو گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا، بازار ويندا هئا، بازار ۾ هڪ پاسي کان داخل ٿيندا هئا ۽ هلندا هلندا ٻئي پاسي کان ٻاهر نڪري گهر موٽي ايندا هئا، نه ڪنهن دڪان تي بيهندا هئا، نه ڪو سودو ڏسندا هئا، نه اَگهُه پڇندا هئا ۽ نه ئي ڪجهه خريد ڪندا هئا، بس ويندا هئا ۽ موٽي ايندا هئا. هڪ ڏينهن سندن غلام حضرت ابورافع رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کانئن پڇيو ته عالي جاهه! ڇا ڳالهه آهي؟ توهان بازار ويندا آهيو، نه ڪجهه خريد ڪندا آهيو، نه ڪجهه ڏسندا آهيو، پوءِ بازار ويندا ئي ڇو آهيو؟ فرمايائون: مان ماڻهن کي سلام ڪرڻ لاءِ ويندو آهيان. ([1]) 

 يعني بازار ۾ گهڻا ماڻهو موجود هوندا آهن، تنهنڪري مان بازار ويندو آهيان ته جيئن اتي ماڻهن کي سلام ڪيان، هڪ ته انهن کان جواب ۾ سلامتي جون دعائون وٺان، ٻيو سلام ڪري نيڪيون ڪمايان. 

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙو نه جذبو آهي. ڪاش! اسان کي به اهڙو شوق نصيب ٿي وڃي، اسان جي زبان تي به  اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہ جاري رهي، جڏهن به مسلمان ڀاءُ سان ملاقات ٿئي، فوراً سلام ۾ اڳرائي ڪندي اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہ چئي ڇڏيون.   اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون نيڪيون نصيب ٿينديون.  


 

 



[1]...  مشکوٰۃ المصابیح، جز:3، جلد:2، صفحہ:167، حدیث:4664۔