• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • عيد خير خواهي جو ڏينهن آهي arrow icon
    • page 8
    book-logo
    book_icon
    عيد خير خواهي جو ڏينهن آهي
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    رهيو هو، ڪوئي ڪجهه سوچي رهيو هو) حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہما فرمائن ٿا: منهنجي ذهن ۾ هن سوال جو جواب اچي ويو (پر مان ننڍو ٻار هئس، مون کان وڏي عمر جا صحابه ڪرام   عَلَیْہِمُ الرِّضْوان  موجود هئا)، تنهنڪري انهن جي حياء سبب مون جواب نه ڏنو، آخرڪار پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  پاڻ ئي فرمايو:  هِيَ النَّخْلَةُ  اهو کَجيءَ جو وڻ آهي. ([1])

    پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ هڪ حديث پاڪ اسان ٻڌي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  هڪ وڻ جو ذڪر فرمايو، جنهن جو مثال مسلمان وانگر آهي ۽ اهو وڻ ڪهڙو آهي؟ کجيءَ جو وڻ. عالمن هتي هڪ سوال اٿاريو آهي ته آخر کجيءَ جي وڻ ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  ان کي مسلمان جهڙو وڻ ڇو فرمايو؟ هن سوال جو جواب ڏيندي علماء فرمائن ٿا: کجيءَ جو وڻ مڪمل خير ۽ ڀلائي آهي، ان جو هڪ هڪ جزو، هڪ هڪ حصو نفعي بخش ۽ فائديمند آهي: ٭ کجيءَ جي پنن مان تڏا (چٽايون) ٺهنديون آهن، انهن مان رسي به ٺاهي ويندي آهي، پراڻي دور ۾ کجيءَ جي پنن مان مانيون رکڻ لاءِ ٽوڪريون به ٺاهيون وينديون هيون ٭ ان سان گڏوگڏ کجيءَ جي وڻ جي کَلَ باهه ٻارڻ لاءِ به ڪم ايندو آهي، اڳين دور ۾ ان کي ڪپهه جي جاءِ تي وهاڻا ڀرڻ ۾ به استعمال ڪيو ويندو هو ٭ کجيءَ جو ٿُڙُ (Piller) ٺُل جي طور پڻ استعمال ٿيندو آهي، اڳين زماني ۾ ان کي ڇتين ۾ گارڊر جي جاءِ تي به استعمال ڪيو ويندو هو ٭ اهڙي طرح کجيءَ جي ککڙيءَ جا به تمام گهڻا فائدا آهن، ان کي جانورن جي خوراڪ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، ان کي پيهي استعمال ڪريو ان جو پائوڊر طبي لحاظ تمام گهڻو فائديمند آهي  ٭ باقي رهي کجي؛ اها ته نهايت فائديمند ميوو آهي، ميون ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ سڀني کان وڌيڪ نفع بخش ميوو کجي کي مڃيو ويندو آهي ٭ دم، دل، جگر، گردن، مثاني، پتي ۽ آنڊن جي بيمارين ۾ کجي فائديمند آهي ٭ هيءَ بلغم خارج ڪندي آهي ۽ وات جي خشڪي دور ڪندي آهي مطلب ته کجيءَ جي وڻ جا فائدا ئي فائدا آهن.


     

     



    [1]...بخاری،کتاب العلم،باب قول المحدث:حدثنا او اخبرنا و انبانا،صفحہ:88 ،حدیث:61۔

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • رمضان کان پوءِ عيد ايندي آهي
    • درودِ پاڪ جي فضيلت
    • عيد مغفرت جو ڏينهن آهي
    • هڪ سخيءَ جي عيد
    • عيد خير خواهي جو ڏينهن آهي
    • دل خوش ڪرڻ جون فضيلتون
    • نفعو پهچائڻ وارا بڻجي وڃو
    • نفعو پهچائڻ واري شيءِ باقي رهندي آهي
    • غريب ٻار جي عيد ٿي وئي
    • فطرو واجب هئڻ جي هڪ حڪمت
    • صدقو ۽ خيرات جي عادت اپنايو
    • فطري جي ادئيگي 4 شين سان ٿيندي آهي
    • عطيات جي ترغيب
    • فوت ٿي ويلن سان به خير خواهي
    • قبر ۾ انوار داخل ٿيندا
    • مان عيد جي نماز به نه پڙهندو هئس
    • نمازِ عيد جو طريقو (حنفي)
    • عيد جي 6 روزن جي ترغيب
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami