• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • عيد خير خواهي جو ڏينهن آهي arrow icon
    • page 2
    book-logo
    book_icon
    عيد خير خواهي جو ڏينهن آهي
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    عيد مغفرت جو ڏينهن آهي

    پيارا اسلامي ڀائرو! اللہ پاڪ جو نهايت ڪرم ۽ احسان مٿان احسان آهي جو هن اسان کي رمضان جي مهيني جهڙي نعمت عطا فرمائي ۽ رمضان کان فوراً بعد عيد جو خوشين سان ڀريل هي مبارڪ ڏينهن عطا فرمايو. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! جيئن رمضان مغفرت ۽ بخشش جو مهينو آهي، تيئن عيد الفطر جو هي مبارڪ ڏينهن به رب رحمٰن جون رحمتون لُٽِڻ جو ڏينهن آهي. صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما جي هڪ روايت ۾ آهي ته: جڏهن عيد جي ڏينهن صبح ٿيندو آهي ته اللہ پاڪ پنهنجي معصوم فرشتَن کي سڀني شهرن ۾ موڪليندو آهي، اهي فرشتا زمين تي تشريف کڻي اچي سڀني گهٽين ۽ رستن تي بيهي هن طرح اعلان ڪندا آهن: ”اي امت محمد! ان ڪريم رب جي بارگاهه ڏانهن هلو، جيڪو تمام گهڻو عطا ڪرڻ وارو ۽ وڏي کان وڏو گناهه معاف ڪرڻ وارو آهي.“ 

    پوءِ اللہ پاڪ پنهنجن ٻانهن سان هن ريت خطاب فرمائيندو آهي: اي منهنجا ٻانهو! گهرو! جيڪو ڪجهه گهرڻو اَٿَو؟ منهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! اڄ جي ڏينهن هن (نماز عيد جي) اجتماع ۾ پنهنجي آخرت جي متعلق جيڪو به گهرندﺆ اهو پورو ڪندس ۽ دنيا جي باري ۾ جيڪو ڪجهه گهرندﺆ ان ۾ اوهان جي ڀلائي ڏانهن نظر ڪندس (يعني اهو ڪندس جنهن ۾ اوهان جي بهتري هوندي). منهنجي عزت جو قسم! جيستائين توهان منهنجو لحاظ رکندﺆ، مان به توهان جي خطائن تي پردو وجهندو رهندس. منهنجي عزت جو قسم! مان توهان کي حد کان وڌي وڃڻ وارن (يعني مجرمن) سان گڏ رسوا نه ڪندس. بس پنهنجن گهرن ڏانهن مغفرت يافته ٿي موٽي وڃو! توهان مون کي راضي ڪري ڇڏيو ۽ مان توهان کان راضي ٿي ويس.([1])

    پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته ڪريو! عيد الفطر جو ڏينهن ڪيترو نه اهم ترين ڏينهن آهي، ان ڏينهن اللہ رب العزت جي رحمت نهايت جوش تي هوندي آهي، دربارِ خداوندي مان ڪو به سائل مايوس نه موٽايو ويندو آهي، ڪاش! هن مبارڪ ڏينهن جي صدقي رحمت الٰهي جو هڪ ڇنڊو اسان گنهگارن کي به نصيب ٿي وڃي، يقين ڪريو! پوءِ ته واقعي حقيقي عيد ٿي ويندي.  


     

     



    [1]...شُعَبُ الایمان ،باب فی الصیام ،جلد:3 ،صفحہ:336 ،حدیث:3695۔

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • رمضان کان پوءِ عيد ايندي آهي
    • درودِ پاڪ جي فضيلت
    • عيد مغفرت جو ڏينهن آهي
    • هڪ سخيءَ جي عيد
    • عيد خير خواهي جو ڏينهن آهي
    • دل خوش ڪرڻ جون فضيلتون
    • نفعو پهچائڻ وارا بڻجي وڃو
    • نفعو پهچائڻ واري شيءِ باقي رهندي آهي
    • غريب ٻار جي عيد ٿي وئي
    • فطرو واجب هئڻ جي هڪ حڪمت
    • صدقو ۽ خيرات جي عادت اپنايو
    • فطري جي ادئيگي 4 شين سان ٿيندي آهي
    • عطيات جي ترغيب
    • فوت ٿي ويلن سان به خير خواهي
    • قبر ۾ انوار داخل ٿيندا
    • مان عيد جي نماز به نه پڙهندو هئس
    • نمازِ عيد جو طريقو (حنفي)
    • عيد جي 6 روزن جي ترغيب
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami