Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ                                                                                    یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! جتي اللّه پاڪ جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ سعادت مندي ۽ وڏي نيڪي جو ڪم آهي، اتي چندو گڏ ڪرڻ ۽ ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ به وڏن فائدن کان خالي ناهي. اعلى حضرت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪنهن به ديني ضرورت لاءِ چندو ڪرڻ جائز ۽ سنت مان ثابت آهي. [1]وڌيڪ فرمائن ٿا: (ديني ڪمن لاءِ) چندو گڏ ڪرڻ صحيح حديثن مان ثابت آهي ۽ نيڪي جي ڪمن لاءِ چندو ڪرڻ نيڪي ڏانهن رهنمائي ڪرڻ جي برابر آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو به ڪارِ خير (نيڪي جي ڪم) جي رهنمائي ڪري. ان کي به ايترو ئي اجر ملندو آهي، جيترو ڪارِ خير (نيڪي) ڪندڙ کي ملندو آهي.  الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12  ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار   رسالي جو مطالعوڪرڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جو خوف حاصل ڪرڻ، نيڪين سان ڀرپور زندگي گذارڻ، الله پاڪ جي عبادت ۽ نيڪ عملن جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان هر دم وابسته رهو، 12 ديني ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!    دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون۔ 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار رسالي جو مطالعو ڪرڻ به آهي.

سرورِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلْعِلْمُ بِالتَّعَلُّمِ يعني علم سکڻ


 

 



[1] فتاویٰ رضویہ، جلد:16، صفحہ:418۔