Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

Book Name:Ghazwa e Badar Aur Seekhne Ki Baatein

10 طريقا آهن: (1)  شيطان لالچ جي رستي انسان تي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته ماڻهو قناعت اختيار ڪري (يعني جيڪو ڪجهه ۽ جيتري مقدار ۾ الله پاڪ عطا ڪيو آهي، ان تي خوش رهي) (2) شيطان ڊگهي اميد ڏياري انسان کي  ڀُلائيندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته ماڻهو موت کي هر وقت پنهنجي سامهون سمجهي (3) شيطان راحت آرام ۽ دنيا جي نعمتن ۾ غرق ڪرڻ جي رستي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته ٻانهو نعمتن جي زوال ۽ انهن جي حساب جو فڪر ڪري (4) شيطان خودپسندي (يعني پنهنجو پاڻ تي فخر ڪرڻ) جي رستي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته ماڻهو الله پاڪ جي احسانن کي ياد رکي ۽ بُري انجام کان ڊڄندو رهي (5) مسلمان ڀائرن کي حقير ۽ ڪمتر سمجهڻ جي ذريعي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته ماڻهو پنهنجي مسلمان ڀائرن جي عزت ڪندو رهي (6) شيطان حسد يعني ساڙَ جي ذريعي انسانن کي گمراهه ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته ماڻهو الله پاڪ جي تقسيم تي راضي رهي ۽ ٻين کي مليل نعمتن کي حسرت ڀرين نگاهن سان نه ڏسي (7) شيطان رياڪاريءَ جي رستي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج  اخلاص ۾ آهي ته ٻانهو صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جو طلبگار بڻجي وڃي (8) شيطان ڪنجوسيءَ ذريعي انسان کي گمراهه ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته ماڻهو آخرت جي نعمتن کي ياد رکي ۽ دنيا جو مال رب جي راهه ۾ خرچ ڪندو رهي (9) شيطان تڪبر جي رستي حملو ڪندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته ماڻهو عاجزي ۽ انڪساري اختيار ڪري (10) شيطان لالچ (يعني ٻين وٽ موجود نعمتن کي حسرت ڀري نظر سان ڏسڻ) رستي ڀٽڪائيندو آهي، ان جو علاج هي آهي ته ماڻهو صرف ربّ پاڪ جي عطائن تي نظر رکي ۽