Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

خلافي ڪندو آهي ته الله پاڪ، ان جا فرشتا ۽ تمام انسان ان شخص تي لعنت ڪندا آهن.([1])

 اي عاشقانِ رسول! واعدو پورو ڪرڻ سنتِ مصطفى بلڪه سنتِ انبياء آهي  * اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم واعدي جا نهايت پڪا هئا * ۽ وعدو ٽوڙڻ کي سخت ناپسند فرمائيندا هئا * اعلانِ نبوت کان  پهريان هڪ دفعي هڪ شخص پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عرض ڪيو: اوهان هتي ترسو! مان ٿوري دير ۾ اچان ٿو، اهو شخص هليو ويو پر کانئس واپس اچڻ وسري ويو، 3 ڏينهن کان پوءِ کيس ياد آيو ۽ جڏهن هو ان جاءِ تي پهتو ته اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 3 ڏينهن گذرڻ جي باوجود به  اتي ئي تشريف فرما آهن ۽ مَاشَآءَ اللہ!   شفقت، رحمت ۽ حسنِ اخلاق ڏسو! پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي دڙڪا نه ڏنا، ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيائون، بس ايترو فرمايائون: اي شخص! تون مون کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو. ([2]) الله پاڪ اسان کي به سنتِ سرڪار تي عمل ڪندي واعدا پورو ڪرڻ وارو بڻائي۔

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مختلف سنتون سکڻ لاءِ مکتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد 3 جو حصو 16 ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو  550  سنتو ن   ۽    آ د ا ب خريد ڪيو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.

سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے                  ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو


 

 



[1]...بخاری، کتاب الجِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179۔

[2]...اَبُو داؤد، کتاب ادب، باب فی العدۃ، صفحہ:781، حدیث:4996۔