Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

اڄڪلهه جيڪي ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا آهن، عورت جي آزادي جي نالي تي، معاذ الله! بي حيائي وارا جلوس ڪڍيا ويندا آهن، انتهائي بيهوده نعرا لڳايا ويندا آهن، هي صرف هڪ پروپيگنڊا آهي، هي صرف هَوائي ڳالهيون آهن، ڪڏهن اسلام کان پهريان جي دور ۽ اسلام کان پوءِ جي دور کي پاڻ ۾ ڀيٽي ڏسو! معلوم ٿي ويندو ته اسلام عورت کي ڪهڙي پَستيءَ مان ڪڍي، ڪيتري بلنديءَ تي پهچائي ڇڏيو آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:  

وَ لَهُنَّ مِثْلُ الَّذِیْ عَلَیْهِنَّ بِالْمَعْرُوْفِ۪- (پارہ:2، سورۂ بقرہ:228)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ عورتن جي لاءِ به مردن تي شريعت جي مطابق اهڙو ئي حق آهي جهڙو (انهن جو) عورتن تي آهي.

يعني جهڙي طرح عورتن تي مڙسن جا حق ادا ڪرڻ واجب آهي، اهڙي طرح مڙسن تي به عورتن جا حق ادا ڪرڻ واجب آهي۔ (صراط الجنان)

 اللهُ اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! قرآني آيت جو هي جملو عورتن جي حقَن جو اهو عظمت وارو دستاويز آهي، جيڪو قرآن کان سواءِ پوري دنيا ۾ ڪٿي به نظر نه ايندو. اها صرف قرآن پاڪ جي ئي خصوصيت آهي جو ان عورتن جي حقن کي اهڙي زور ۽ شدت سان بيان فرمايو آهي.

  غرض ۽ مقصد اهو آهي ته  اَلْحَمْدُلِلّٰهِ! اسلام عورت کي گهڻو ڪجهه عطا فرمايو آهي، تمام گهڻي عزت، بلڪه عورت کي جيڪا به عزت ملي آهي، سڀ جي سڀ اسلام جي سبب ئي ملي آهي. قرآنِ پاڪ ۾ عورتن جو ڪهڙي انداز ۾ ذڪر آهي، عورتن جي حقن بابت اسلام ڪهڙيون ڪهڙيون تعليمات ڏنيون آهن، جيڪڏهن هن جي متعلق تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته مڪتبة المدينه جي ڪتاب قرآن ۽ عورت جو مطالعو ڪيو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! معلوم ٿي ويندو ته اسلام عورت کي ڇا ڇا عطا فرمايو آهي. الله پاڪ اسان کي صحيح نظريا اختيار ڪرڻ ۽ دينِ اسلام کي چڱيءَ طرح سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن      صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم.