Faizan e Khadija tul Kubra

Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

ٿورو دماغ تي زور ڏئي سوچيو! اها عظيم الشان هستي* جنهن جي نور کي الله پاڪ سڄي مخلوقات کان پهريان پيدا فرمايو* اڃان حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  جي تخليق به نه ٿي هئي، ان کان پهريان انهن جي سرِاقدس تي نبوت جو تاج سجايو ويو * انهن جي ئي پاڪ نور جي برڪت هئي جو ملائڪن کان حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  کي سجدو ڪرايو ويو * انهن جي ئي پاڪ نور جي برڪت هئي جو حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام  تي باهه کي گلزار بڻايو ويو * انهن جي ئي پاڪ نور جي برڪت هئي جو حضرت اسماعيل عَلَیْهِ السَّلَام  جي بدلي ۾ جنت مان گهيٽو موڪليو ويو * هيءَ اها محبوب هستي آهي جو انهن جي دل ميري ٿئي، الله پاڪ کي هرگز قبول نه آهي * انهن جي مبارڪ دل ذرو به غمگين ٿئي ته الله پاڪ سِدْرَۃُ الْمُنْتَہیٰ کان جبرئيل اَمين عَلَیْهِ السَّلَام  کي موڪلي، قرآني آيتون نازل ڪري، دل پاڪ کي تسلي ارشاد فرمائيندو آهي. جنهن جو ايڏو وڏو شان هجي، ڀلا سوچيو ته سهي! پهرين وحي جي موقعي تي انهن جي دلجُوئي جي خدمت انجام ڏيڻ لاءِ هڪ عورت جو انتخاب ڇو ڪيو ويو...؟

هن ۾ سبق آهي ته عورت، جنهن جي سماج ۾ ڪا به عزت نه هئي، جنهن کي ذلت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، ڌيئرن کي ڄمڻ شرط ئي زندهه دفن ڪيو ويندو هو * ڌيءُ جي ڄمڻ تي منهن تي پريشاني جا آثار ظاهر ٿيندا هئا * عورت جو جيڪڏهن مڙس فوت ٿي ويندو هو ته ان کي به مڙس سان گڏ زندهه دفن ڪيو ويندو هو* عورت، جنهن کي منحوس، ناپاڪ ۽ نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا گندا لقب ڏنا ويندا هئا.  اسلام اهو پاڪ دين آهي جنهن جو اڃان بلڪل ابتدائي مرحلو آهي، انهي مرحلي ۾ ئي هڪ عورت جي خدمتن کي شامل ڪري ان جي عزتن کي چار چنڊ لڳايا ويا. Top of FormBottom of Form

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! جيڪو اسلام پنهنجي بلڪل ابتدائي مرحلي ۾ ئي هڪ عورت کي ايترو عظيم شرف بخشي رهيو آهي، اُن اسلام جو نور جڏهن سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو هوندو، تڏهن ان عورت کي ڪهڙيون ڪهڙيون نه عزتون بخشيون هونديون.