Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
ڇڏي ها، ڪهڙي شيءِ ان جي قدرت کان ٻاهر هئي، پر ان رحمٰن ۽ رحيم ربّ ڪيڏي نه وڏي مهرباني فرمائي، جو اسان کي انسان يعني اشرف المخلوقات بڻايو. هاڻي سوچيو! جيڪڏهن اسان هن شرفِ انسانيت جو غلط استعمال ڪيو، جنهن مقصد لاءِ اسان کي پيدا ڪيو ويو آهي ۽ دنيا ۾ موڪليو ويو آهي، اسان اهو مقصد پورو نه ڪيو ۽ خدانخواسته جيڪڏهن الله پاڪ ناراض ٿي ويو ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو...؟ مشهور صوفي بزرگ مولانا روم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: اي انسان! الله پاڪ تنهنجي وڏي قيمت مقرر ڪئي آهي، ارشاد ٿئي ٿو:
اِنَّ اللّٰہَ اشۡتَرٰی مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ اَنۡفُسَہُمۡ وَ اَمۡوَالَہُمۡ بِاَنَّ لَہُمُ الۡجَنَّۃَ ؕ
(پارہ:11، سورۀ توبه:111)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ الله مسلمانن کان انهن جون جانيون ۽ انهن جا مال هن بدلي ۾ خريدي ورتا ته انهن لاءِ جنت آهي.
ڏسو! الله پاڪ توهان کي، توهان جي وقت، توهان جي جان، توهان جي مال ۽ ڪاروبار کي خريد ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن اُهي شيون ان جي راهه ۾ خرچ ڪيو، ته توهان لاءِ هميشه رهڻ واري جنت آهي. الله پاڪ وٽ توهان جي ايڏي وڏي قيمت آهي، جيڪڏهن پاڻ کي دوزخ جي بدلي وڪڻو، ته پوءِ پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارا آهيو.([1])
فرشتوں سے بہتر ہے انسان بننا مگر اس میں لگتی ہے محنت زیادہ
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ آهي انسان جي اصل قيمت...!! الله پاڪ اسان جي قيمت جنت مقرر ڪئي آهي * اها جنت، جنهن جو صرف هڪ موتي سڄي دنيا ۽ جيڪو ڪجهه دنيا ۾ آهي، ان کان وڌيڪ قيمتي ۽ بهتر آهي * اها جنت، جتي عيش ئي عيش آهي * اها جنت، جتي نعمتون ئي نعمتون آهن * اها جنت، جتي وڏا وڏا محل آهن * اها جنت، جتي الله پاڪ جي رحمتن جو نزول آهي * بلڪه اها جنت، جتي الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيندو. ايتري عظمتن واري جنت اسان لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، هاڻي جيڪڏهن اسان انهيءَ جنت جي