Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

1784 ڪتابن  ۽   رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي. هن شعبي ۾ ڪيترائي مدني عالِمَ سڳورا خدمت انجام ڏئي رهيا آهن، الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعدهه پگهارون ڏيندي آهي. * ديني لٽريچر جي اشاعت لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو آهي، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪتابن جي اشاعت ڪئي ويندي آهي، تقسيم رسائل (يعني مختلف ڪتابَ ۽ رسالا مفت ۾ ورهائڻ) جو سلسلو به جاري آهي ۽ ڪتاب وڪرو به ڪيا ويندا آهن * سڄي دنيا ۾ ديني ڪمن جي ڌوم مچائڻ لاءِ دعوتِ اسلاميءَ جو مڪمل تنظيمي سيٽ اپ موجود آهي، ذيلي حلقي کان وٺي مرڪزي مجلسِ شورى تائين پورو هڪ نظام قائم آهي، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ  ۾ ذمّيدارَ موجود آهن. * عاشقانِ رسول جي تربيت ڪري انهن کي ديني ڪم ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو آهي، انهن کي باقاعده پگهارون ڏنيون وينديون آهن ۽ اهي فارغ البال (يعني ڪمائڻ کان بي پرواھ) ٿي دين جي خدمت ڪندا آهن. * ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي به خدمتِ دين جو سلسلو جاري آهي، * پرنٽ ميڊيا (۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۽ رسالن سان گڏوگڏ ماھوار فيضانِ مدينه، جي اشاعت جو سلسلو به جاري آهي جيڪو هن وقت دنيا جي7 وڏين ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ ڪثيرالاشاعت ماهوار رسالو آهي) * سوشل ميڊيا (جهڙوڪ يوٽيوب (Youtube)، فيس بُڪ (Facebook)، انسٽاگرام (Instagram) وغيرهه) تي تقريباً 100 اڪائونٽ موجود آهن، جن تي تقريباً 50 ملين (Million) يعني 5 ڪروڙ فالورز آهن، جڏهن ته ويوز Views)) جو تعداد بلينز (Billions) يعني 100 ڪروڙ کان به وڌيڪ ٿي چڪو آهي. * ان کان علاوه مدني چينل اردو، انگريزي، بنگالي ٻولين ۾، ڪڊز مدني چينل، بزرگن جو مدني چينل ۽ عربي ويب چينل ذريعي دينِ اسلام جي خدمت ڪئي پئي وڃي  *  آءِ ٽي جي شعبي طرفان هن وقت تائين 32 موبائل  ايپلي  ڪيشن ۽ 40  اسلامي  ويب سائيٽس لانچ ڪيون ويون آهن * سموري دنيا جي مسلمانن جي خير خواهي لاءِ ايف جي آر ايف  (FGRF) جو شعبو قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي تحت هن وقت تائين: * 34  لک 16 هزار 673 کان وڌيڪ وڻ پوکيا ويا آهن * تقريباً  76  لک 82  هزار 958  ماڻهن جي مدد ڪئي وئي آهي * 5  هزار 566 گهر تعمير ڪيا ويا آهن * 75 هزار 721 خون جون بوتلون عطيو