Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

چڱي ڀلي اجرت ڏيندو.

بکئي پيٽ سان جيئن تيئن رات گذري وئي، ٻئي ڏينهن ٻيهر  ڪم ڳولهڻ لاءِ نڪتو، پر اڄ به هن کي ڪو ڪم نه مليو،  درياءَ جي ڪناري تي پهتو۽ اڄوڪو ڏينهن به عبادت ۾ گذاري ڇڏيائين. شام جو وري خالي هٿين واپس آيو، بکن جي ماريل زال ڏٺو ته جذبات ۾ ڀرجي ويئي، چيائين: ڪيترن ڏينهن کان بکيا آهيون، ٻارن جي اهڙي حالت آهي جو ڏسي نه ٿي سهگجي ۽ توهان جو مالڪ آهي جو اجرت ئي نه ٿو ڏئي، ايئن ڪيسيتائين گذارو ٿيندو.

هن ويچاريءَ کي ڪهڙي خبر ته منهنجو مڙس ڪهڙي مالڪ وٽ مزدوري ڪري رهيو آهي، هُن عبادت گذار شخص جڏهن پنهنجي زال جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون ته پريشان ٿي ويو سڄي رات ڏک ۽ پريشاني جي حالت ۾ پاسا ورائيندي گذاريائين. صبح جو وري ڪم جي تلاش ۾ گهر کان روانو ٿيو، کيس اڄ به ڪم نه مليو، اڄ به معمول مطابق درياءَ تي آيو ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويو.

 سڄو ڏينهن ته عبادت ۾، الله پاڪ جي ياد ۾ مسرور رهي گذري ويو، شام جو جڏهن گهر وڃڻ جو وقت ٿيو ته کيس ڳڻتي ورائي وئي، هاڻي هي نيڪ شخص ٿڪل ٿڪل قدمن سان گهر ڏانهن روانو ٿيو سندس هٿ اڄ به خالي هئا، دل ۾ بار بار ٻارن ۽ گهر وارن جو خيال اچي رهيو هئس ته انهن کي ڪهڙو دلاسو ڏيندس، پنهنجي زال کي ڪهڙو جواب ڏيندس انهن ئي سوچن ۾ گُم جڏهن گهر جي ويجهو پهتو ته ڇا ٿو ڏسي ته گهر جي اندران عمده ۽ بهترين کاڌن جي خوشبو اچي رهي آهي! ايئن  لڳي رهيو هو ڄڻ گهر جي اندر ڪو خوشيءَ جو ماحول آهي، هڪ لمحي لاءِ کيس لڳو ته شايد مان ڪنهن ٻئي جي گهر اچي ويو آهيان، پوءِ جڏهن دروازو کڙڪايائين ته سندس زال خوشيءَ مان دروازو کوليو، ڏسندي ئي چيائين: توهان جنهن مالڪ وٽ مزدوري ڪندا آهيو، اهو واقعي وڏو ڪريم آهي، اڄ اوهان جي وڃڻ کان پوءِ ان جو قاصد آيو هو، جنهن تمام وڏي رقم ۽ کاڌي پيتي جون شيون ڏنيون ۽ چيائين: جڏهن تنهنجو مڙس اچي ته ان کي منهنجا سلام چئجانءِ کيس ٻڌائجانءِ ته تنهنجو مالڪ تنهنجي عمل کان راضي آهي، هي تنهجي محنت جو صلو آهيTop of Form

Bottom of Form

۔([1])


 

 



[1]... عیون الحکایات۔