Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
* محمد يٰسين نالو به نه رکو، ها چاهيو ته غُلام يٰسين ۽ غُلام طٰهٰ رکو * جيڪي نالا بُرا هجن انهن کي مَٽائي ڪري سُٺو نالو رکڻ گهرجي جو پنهنجي امّت سان پيار ڪرڻ وارا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بُري نالي کي سُٺي نالي سان مَٽائي ڇڏيندا هئا. هڪ خاتون جو نالو عاصِيَہ (يعني گنھگار) هو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي نالي کي مَٽائي ڪري جَميله رکيو * اهڙا نالا رکڻ جائز ناهن جيڪي غير مسلمن جي لاءِ خاص هجن * غلام رسول، غلام صديق، غلام حسين، غلام غوث، غُلام رضا نالو رکڻ جائز آهي. ([1])
پنهنجي ٻارن جا سٺا اسلامي نالا رکڻ ۽ ان جا تفصيلي احڪام ڄاڻڻ لاءِ المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) جو تمام پيارو ڪتاب، ۔نام رکھنے کے احکام مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان حاصل ڪيو، پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو!
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتبةالمدينه جي ڪتاب بہارِ شريعت جلد:3، حصو:16، ۽ اميرِ اہلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن وارو رسالو "550 سنتون ۽ آداب" خريد ڪري پڙهو، سنتون سکڻ جو بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان سنتن ڀريو سفر پڻ آهي.
رَبّ کے در پر جھکیں التجائیں کریں بابِ رحمت کُھلیں قافلے میں چلو
عاشقانِ رسول ان سے رحمت کے پھول آؤ لینے چلیں قافلے میں چلو
.
الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد