Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
۾ ديني ڪمن جي ڌوم مچائڻ لاءِ دعوتِ اسلاميءَ جو مڪمل تنظيمي سيٽ اپ موجود آهي، ذيلي حلقن کان وٺي مرڪزي مجلسِ شورى تائين سڄو هڪ نظام قائم آهي، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ذمّيدارَ موجود آهن. A عاشقانِ رسول کي تربيت ڏئي انهن کي ديني ڪم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ روانو ڪيو ويندو آهي، انهن کي باقاعده تنخواهون ڏنيون وينديون آهن ۽ اهي فارغُ البال (يعني ڪمائڻ کان بي پرواھ) ٿي ڪري دين جي خدمت ڪندا آهن. A ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي به خدمتِ دين جو سلسلو جاري آهي، *پرنٽ ميڊيا (۾ ڪيئي ڪتابن ۽ رسالن سان گڏو گڏ ماھوار فيضانِ مدينه جي اشاعت جو سلسلو جاري آهي جيڪو هن وقت دنيا جي 7 ٻولين ۾ شائع ٿيندڙ ڪثيرالاشاعت ماهنامه آهي)، * سوشل ميڊيا (جهڙوڪ يوٽيوب (Youtube)، فيس بُڪ (Facebook)، انسٽاگرام (Instagram) وغيره) تي موجود تقريباً 100 اڪائونٽ، جن تي تقريباً 50 ملين (Million) يعني 5 ڪروڙ فالورز آهن، جڏهن ته ويوز جي تعداد بلينز (Billions) يعني 100 ڪروڙ کان به وڌيڪ آهي۔ *مدني چينل اردو، انگريزي، بنگالي ٻولين ۾، ڪڊز مدني چينل، بزرگن جو مدني چينل ۽ عربي ويب چينل ذريعي دينِ اسلام جي خدمت ڪئي پئي وڃي۔ * آءِ ٽي جي شعبي طرفان هاڻي تائين 32 موبائل ايپلي ڪيشن ۽ 40 اسلامي ويب سائيٽس لانچ ڪيون ويون آهن۔ دنيا جي مسلمانن جي خير خواهي لاءِ ايف جي آر ايف جو شعبو قائم آهي، جنهن جي تحت هاڻي تائين: *34 لک 16 هزار کان وڌيڪ وڻ پوکيا ويا آهن۔ *تقريباً 76 لک 82 هزار 958 ماڻهن جي مدد ڪئي وئي آهي۔ *5 هزار 566 کان وڌيڪ گهر تعمير ڪيا ويا آهن۔ * 75 هزار 721 کان وڌيڪ خون جون بوتلون عطيو ڪيون ويون آهن۔ * هيلٿ ڪيئر سينٽر ۾ هاڻي تائين 61 هزار 667 کان وڌيڪ مريض علاج لاءِ اچي چڪا آهن۔
پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجا عطيات دعوتِ اسلامي کي ڏئي، خدمتِ دين جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو! توهان جا عطيات يعني چندو ڪنهن به نيڪ، جائز، ديني، اصلاحي، فلاحي، روحاني، خير خواهي، ڀلائي ۽ آمدني وڌائڻ جي جائز ۽ محفوظ ڪم ۾ لڳايا ويندا۔