Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: *   عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس *     بيان جا اهم نڪتا لکندس *  جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين پکيڙڻ جو ثواب ڪمائيندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي فضل ۽ رحمت سان پياري مهيني شعبان شريف جي آمد ٿي چڪي آهي ۽ اسان ان جي بابرڪت گهڙين  ۾ ساهه کڻڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون۔ شعبان شريف تمام وڏي عظمت وارو مهينو آهي، اُن ۾ خير ۽ برڪت جي برسات ٿيندي آهي۔ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: شَعْبَانُ الْمُطَہِّرُ وَرَمَضَانُ الْمُکَفِّرُ  يعني شعبان پاڪ ڪرڻ وارو آهي ۽ رمضان ڪفارو آهي۔[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! * شعبان عبادت جو مهينو آهي * گهڻي تلاوت (ڪرڻ) جو مهينو آهي * گهڻو درود شريف پڙهڻ جو مهينو آهي * گهڻي استغفار جو مهينو آهي. * هڪ حديثِ پاڪ ۾ ارشاد آهي: هي اهو مهينو آهي جنهن کان ماڻهو بي خبر آهن جڏهن ته هن مهيني ۾ ماڻهن جا اعمال ربُ العالمين جي بارگاهه ۾ پيش ڪيا ويندا آهن۔[2] هن ئي مهيني ۾ ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام کي انهن سڀني ماڻهن جي فهرست ڏني ويندي آهي، جن جا ايندڙ سال روح  قبض ڪيا ويندا ۔[3]  

يعني هيءُ تمام برڪت وارو مهينو آهي، ان سان گڏوگڏ نهايت نازڪ مهينو به آهي، ڇو ته هن مهيني ۾ اهم فيصلا ٿيندا آهن. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته


 

 



[1] جامع صغیر، صفحہ:301، حدیث:4903۔

[2] مسند احمد، جلد:9، صفحہ:50، حدیث:22380۔

[3] جامع صغیر، صفحہ:369، حدیث:5964۔