Share this link via
Personality Websites!
کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا! مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان جا اهم نڪتا لکندس * جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين پکيڙڻ جو ثواب ڪمائيندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي فضل ۽ رحمت سان پياري مهيني شعبان شريف جي آمد ٿي چڪي آهي ۽ اسان ان جي بابرڪت گهڙين ۾ ساهه کڻڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون۔ شعبان شريف تمام وڏي عظمت وارو مهينو آهي، اُن ۾ خير ۽ برڪت جي برسات ٿيندي آهي۔ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: شَعْبَانُ الْمُطَہِّرُ وَرَمَضَانُ الْمُکَفِّرُ يعني شعبان پاڪ ڪرڻ وارو آهي ۽ رمضان ڪفارو آهي۔[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! * شعبان عبادت جو مهينو آهي * گهڻي تلاوت (ڪرڻ) جو مهينو آهي * گهڻو درود شريف پڙهڻ جو مهينو آهي * گهڻي استغفار جو مهينو آهي. * هڪ حديثِ پاڪ ۾ ارشاد آهي: هي اهو مهينو آهي جنهن کان ماڻهو بي خبر آهن جڏهن ته هن مهيني ۾ ماڻهن جا اعمال ربُ العالمين جي بارگاهه ۾ پيش ڪيا ويندا آهن۔[2] هن ئي مهيني ۾ ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام کي انهن سڀني ماڻهن جي فهرست ڏني ويندي آهي، جن جا ايندڙ سال روح قبض ڪيا ويندا ۔[3]
يعني هيءُ تمام برڪت وارو مهينو آهي، ان سان گڏوگڏ نهايت نازڪ مهينو به آهي، ڇو ته هن مهيني ۾ اهم فيصلا ٿيندا آهن. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami