Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

ڏسندي ئي اُن ڇوڪريءَ تي شيطان غالب اچي ويو ۽ هو هڪ دم مون ڏانهن وڌي ۽ ڇيڙڇاڙ ڪندي ”ڪارو منهن“ ڪرائڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳي۔ مون گهٻرائيندي چيو ”الله پاڪ کان ڊڄ!“ پر ان جي مٿان ته شيطان سوار ٿي چڪو هو۔ جڏهن مون ان جو ضدّ ڏٺو ته گناهه کان بچڻ لاءِ هڪ اٽڪل سوچي ۽ ان کي چيم ته مون کي استنجاء خاني وڃڻو آهي۔ ان سڏ ڪيو ته چئني پاسن کان ٻانهيون اچي ويون، ان چيو ته ”پنهنجي آقا کي بيتُ الخلاء ۾ وٺي وڃو۔“ مان جڏهن اتي ويس ته ڀڄڻ جي ڪا واٽ نظر نه آئي، مون کي ان عورت سان ”منهن ڪارو ڪرڻ“ کان پنهنجي ربّ پاڪ کان حياء پئي آيو ۽ مون کي دوزخ جي عذاب جو ڊپ ٿي رهيو هو۔ سو مون کي هڪ ئي واٽ نظر آئي، اها هي ته مون ڪاڪوس واري نجاست پنهنجي هٿ منهن تي مَلي، وڏيون اکيون ڦاڙي، ان ٻانهي کي ڊيڄارڻ لڳس جيڪا ٻاهر ٽوال ۽ پاڻي کڻي بيٺي هئي۔ جڏهن آئون چرين وانگر رڙيون ڪندو، ان ڏانهن وڌيس ته هو ڊپ وچان ڀڳي ۽ اها چريو چريو ڪندي دانهون ڪرڻ لڳي ته سڀ ٻانهيون گڏ ٿي ويون ۽ انهن مون کي ڪپڙي ۾ ويڙهي، هڪ باغ ۾ اڇلائي ڇڏيو۔ مون کي جڏهن پَڪ ٿي ته سڀ هليون ويون آهن ته پنهنجا ڪپڙا ۽ بدن ڌوئي پاڪ ڪري پنهنجي گهر هليو ويس پر ڪنهن سان اها ڳالهه نه ڪئي۔ انهيءَ رات مون خواب ۾ ڏٺو ته ڪو چئي رهيو آهي: ”تنهنجي حضرت  يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام سان ڪيڏي نه سهڻي مُناسبت آهي“ ۽ چوي پيو ته ڇا تون مونکي سڃاڻين ٿو؟ مون چيو: نه۔ پوءِ اُن چيو: ”مان جِبرئيل  عَلَيۡهِ السَّلَام   آهيان۔ ان کان پوءِ انهن منهنجي منهن ۽ جسم تي پنهنجا هٿ گھمايا۔ انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجي جسم مان مُشڪ جي خوشبو اچڻ لڳي۔ اها حضرت جِبرئيل عَلَيۡهِ السَّلَام   جي هٿ مُبارڪ جي خوشبو آهي۔[1]    

گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!                                                                                                                     بُری عادتیں بھی چُھڑا یاالٰہی!

خطاؤں کو میری مٹا یاالٰہی!                                                                                                                          مجھے نیک خَصلت بنا یاالٰہی! ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... روض الریاحین، صفحہ:334۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:100۔