Share this link via
Personality Websites!
وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته الٽي اچڻ سان روزو ٽٽي ويندو آهي پر ائين ناهي. الٽي اچڻ جي ڪري هر صورت ۾ روزو ناهي ٽٽندو بلڪ الٽي جي سبب روزي ٽٽڻ جون مخصوس صورتون آهن. عالم سڳورا فرمائن ٿا: (1): روزي ۾ پاڻمرادو ڪيتري به الٽي اچي وڃي (توڙي جو بالٽي ئي ڀرجي وڃي) ان سان روزو ناهي ٽُٽندو (2): جيڪڏهن روزو ياد هجڻ جي باوجود (ڄاڻي واڻي) الٽي ڪئي ۽ جيڪڏهن اها وات ڀريل آهي ته هاڻي روزو ٽُٽي ويندو۔ (3): ڄاڻي واڻي وات ڀريل الٽيءَ سان به ان صورت ۾ روزو ٽُٽندو جڏهن تـه الٽي ۾ کاڌو يا (پاڻي) يا صفراء (يعني ڪؤڙو پاڻي) يا رت اچي۔ (4): جيڪڏهن الٽيءَ ۾رُڳو بلغم نڪتو ته روزو نه ٽُٽندو۔ (5): ڄاڻي واڻي الٽي ڪئي پر ٿورڙي آئي وات ڀر نه آئي ته هاڻي به روزو نه ٽُٽندو۔ (6): وات ڀريل کان گھٽ الٽي آئي ۽ وات منجهان ئي ٻيهر موٽي ويئي يا پاڻ ئي موٽائي ڇڏي۔ انهن ٻنهي صورتن ۾ به روزو نه ٽُٽندو۔(7): وات ڀريل الٽي بي اختيار اچي وئي ته روزو نه ٽُٽو۔ باقي جيڪڏهن ڪو انهيءَ مان هڪ چڻي جيترو به واپس موٽائي ڇڏي ته روزو ٽُٽي پوندو ۽ هڪ چڻي کان گھٽ هجي ته روزو نه ٽُٽندو۔([1])
اَسمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
یَا مُؤْ مِنُ
جيڪو به 115 ڀيرا یَا مُؤْ مِنُ پڙھي ڪري پنهنجي مٿان دم ڪندوته تندرستي ماڻيندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
ذِکر و درود ہر گھڑی وِردِ زَباں رہے میری فُضُول گوئی کی عادت نکال دو!
الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami