Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

۾ هڪ شخص هوندو، ماڻهو ان کي ابو حنيفه چوندا، اهو پنهنجي دور ۾ اهلِ علم جو سردار هوندو، سڀني شهرن جا عالمَ ان کان رهنمائي وٺندا، * اهو علم ۽ حلم(يعني قوّت برداشت) جو خزانو هوندو، *پنهنجي علم ذريعي هزارين ماڻهن کي تباهي کان بچائيندو، ڪجهه ماڻهو حسد جي ڪري ان کي برو ڀلو چوندا ۽ پنهنجو ايمان خراب ڪري ڇڏيندا.“  ([1])

الْاَمَانُ وَالْحَفِيظُ...!! پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي هي شرعي مسئلو آهي، جيڪو عالم کان ان جي علمِ دين سبب بغض رکندو آهي، اهو دائرهءِ اسلام مان نڪري ويندو آهي.[2] ان لاءِ اسان کي هميشه تمام عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام، تمام جي تمام اوَلياءِ ڪرام جو اَدب ڪرڻ گهرجي، ڪنهن جي باري ۾ به بيهودا لفظ زبان تي ڪڏهن به نه آڻڻ گهرجن.

تقليد واجب آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ شرعي مسئلو به ذهن ۾ رکجو! تقليد يعني آئمه مُجتهدين مان ڪنهن هڪ جي فتوا تي عمل ڪرڻ واجب آهي، ضروري آهي. [3] الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَطِیْعُوا اللّٰهَ وَ اَطِیْعُوا الرَّسُوْلَ وَ اُولِی الْاَمْرِ مِنْكُمْۚ

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله جي اطاعت ڪيو ۽ رسول جي اطاعت ڪيو ۽ انهن جي جيڪي توهان منجهان حڪومت وارا آهن. (پارہ:5، سورۂ نساء:59)

هن آيت جي هڪ تفسير ۾ آهي ته هتي اولي الامر (يعني حڪومت وارن) مان مراد عالمَ ۽ فقيھَ آهن.[4] 


 

 



[1]... مناقب امام اعظم، ص:54۔

[2]... فتاویٰ رضویہ، جلد:21 ، صفحہ:129۔

[3]...جاء الحق، صفحہ:23  بتصرف۔

[4]... جاء الحق، صفحہ:23  بتصرف۔