Book Name:Faizan e Imam e Azam
حضرت ڪَعۡبُ الۡاَحۡبَار رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ ، جيڪي تابعي بزرگ آهن، فرمائن ٿا: مون اڳوڻن آسماني ڪتابن ۾ هن امت جي عالمن ۽ فقيهن جا نالا پڙهيا آهن، انهن ۾ نعمان بن ثابت جو نالو پڻ موجود هو، انهن جي باري ۾ اڳوڻن آسماني ڪتابن ۾ لکيل هو: ”هِي پنهنجي دور جي سڀني علم وارن جا امام هوندا، انهن جي شخصيت علم جي آسمان تي چوڏهين جي چنڊ وانگي چمڪندي، ماڻهو انهن جي زندگي تي رشڪ ڪندا ۽ انهن جي وفات تي به رشڪ ڪندا.“([1])
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهن اسان جا امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ ، اهي امام جن جي اسان تقليد ڪندا آهيون، يعني جن جي ڏنل فتوائن تي اسان عمل ڪندا آهيون. اڄڪلهه سوشل ميڊيا جو دور آهي، غير مسلمن جون مختلف سازشون تيزي سان ڪم ڪري رهيون آهن، ماڻهن کي علماءِ ڪرام کان پري ڪرڻ، دين جي وڏي مرتبي وارين هستين کان بدظن ڪرڻ به انهن سازشن جو حصو آهي، هڪ عجيب ماحول بڻجي رهيو آهي، ماڻهو اسان جي اَسلاف ۽ دين جي وڏي مرتبي وارين شخصيتن بابت تمام بيهوده زبان (Rough l*ngu*ge) استعمال ڪرڻ لڳا آهن. امامِ اعظم امام ابو حنيفهرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جي باري ۾ به ڪجهه گستاخيون ظاهر ٿي رهيون آهن. هي هڪ سخت ڳالهه آهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي: ”جيڪو اسان جي عالمن جو حق نه ڄاڻي، اهو منهنجي امت مان ناهي.“ هڪ روايت ۾ فرمايو: ”عالم جي حق کي صرف منافق ئي هلڪو ڄاڻيندو آهي.“
مان اوهان کي مسلمانن جي چوٿين خليفي، بابِ مدينة العلم(يعني علم جي شهر جي دروازي) موليٰ علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو هڪ فرمان ٻڌايان ٿو، ڪتابن ۾ باقاعده سَند سان لکيل آهي ته هڪ ڀيرو موليٰ علي شيرِ خدا رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ فرمايو: ”عنقريب ڪوفه