Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

آهي؟  فرمايائون: ہٰذَا عِلْمٌ اِنْفَتَحَ مِنْ عِلْمِ خِضْرٍ يعني ابو حنيفه جو علم اهو آهي، جيڪو حضرت خضر عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي علم مان ڦٽي نڪتو آهي([1])

سُبْحٰنَ الله! اسان جي امام، امامِ اعظم رَحْمَةُاللّٰهِ   عَلَیْهِ جو ڪيڏو شان آهي...!! حضرت خضر عَلَیْهِ السَّلَام جو علم ڪيڏو هو هي به ٻُڌو! الله پاڪ فرمائي ٿو:

 وَ عَلَّمْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّا عِلْمًا   (سورت الڪهف آيت 65)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان کي پنهنجو علم لدني عطا ڪيو.

خبر پئي ته حضرت خضر عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام  جو علم، علمِ لَدُنّي (يعني الله پاڪ طرفان عطا ڪيل خاص علم) آهي، ڇوته امامِ اعظم، امام ابو حنيفهرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  کي به ان علم مان حصو مليو آهي، تنهن ڪري سندن علم به علمِ لدني ئي آهي۔

سِراج تو ہے بغیر تیرے جو کوئی سمجھے حدیث و قرآں

پھرے بھٹکتا نہ پائے رستہ اِمامِ اعظم ابو حنیفہ([2])

وضاحت: الله پاڪ طرفان حضرت امام ابو حنيفهرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  کي اهڙو علم عطا ڪيو ويو آهي جنهن جي بدولت اهي آسمانِ علم جا چمڪندڙ سج بڻجي ويا آهن، سندن روشني کان سواءِ جيڪو ڪو قرآن ۽ حديث سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو، اهو ڀٽڪندو ۽ اهڙو ڀٽڪندو جو ان کي رستو به نه ملندو.

داڻن سان ڀريل ڏاڙهونءَ جو مثال

حضرت محمد بن سائِبرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  فرمائن ٿا: مون اڳوڻن آسماني ڪتابن مان ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته اُمَّتِ محمديه ۾ امام ابوحنيفه حڪمت ۽ علم سان ائين ڀريل شخص هوندو، جيئن ڏاڙهون داڻن سان ڀريل هوندو آهي ([3])


 

 



[1]...الخیرات الحسان،الفصل السادس و الثلاثون،صفحہ:96 ملتقطًا۔

[2]...دیوان سالک، صفحہ:96۔

[3]... مناقب امام اعظم، ص:53۔