Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

سُبْحٰنَ الله! تابعي سڳورن جو ڪيڏو شان آهي...! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جا امام، امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  به اهڙا ئي آهن. *پاڻ صحابه ڪرام رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہم  جي خوب پيروي ڪئي. * انهن کان دين جو علم سکيو، * انهن جي سيرت تي هليا، * صحابه ڪرام کان رهنمائي وٺي، سڄي حياتي عبادت، رياضت ۽ دين جي خدمت ڪندي گذاري. * هميشه الله پاڪ کان راضي رهيا، ڪڏهن به ڪنهن حالت تي شڪايت نه ڪئي. بس رحمان ۽ رحيم رب جي رضا جا طلبگار رهيا. لهٰذا اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ سندن کان راضي آهي ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پاڻ جنتي آهن بلڪ الله پاڪ چاهيو ته انهن جي صدقي ۾ اسان گنهگار به بخشيا وينداسين.

ہو نائبِ سرورِ دو عالم، اِمامِ اعظم ابوحنیفہ!

سِراجِ اُمّت فقیہِ اَفْخَم، اِمامِ اعظم ابوحنیفہ!

جو بے مثال آپ کا ہے تقوٰی، تو بے مثال ہے آپ کا فتوٰی

ہیں علم و تقوٰی کے آپ سَنْگَم، اِمامِ اعظم ابوحنیفہ!([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ   جو  علمي مقام

حضرت اَزۡهر بن ڪيسانرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  فرمائن ٿا: هڪ ڀيري منهنجي قسمت جو تارو چمڪيو، مون کي خواب ۾ نبين جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت نصيب ٿي. شيخينِ ڪريمين يعني حضرت ابوبڪر ۽ عمر رَضِیَ اللّٰهُ  عَنْھُمَا به ساڻ هئا، مون حضرت ابوبڪر ۽ عمر رَضِیَ اللّٰهُ  عَنْھُمَا جي خدمت ۾ عرض ڪيو: مان رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم  کان ڪجهه پڇڻ چاهيان ٿو؟ فرمايائون: پڇو، پر آواز گهٽ رکجو. جيئن ته مون ادب سان بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: (يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ!) ابو حنيفه جي علم بابت ڇا ارشاد


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:573ملتقطاً۔