Faizan e Imam e Azam

Book Name:Faizan e Imam e Azam

امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  تابعي آهن

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا امام، امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  تابعي آهن، يعني پاڻ * حضرت انس بن مالڪ حضرت عبدالله زُبيدي، * حضرت جابر بن عبدالله، * حضرت معقل بن يسار رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہم  جي زيارت ڪئي ۽ انهن مان ڪيترن کان حديثون پڻ ٻڌيون. ([1])   تابعيءَ جي ڪيڏو شان آهي؟ قرآني آيت ٻڌو! الله پاڪ فرمائي ٿو. 

وَ الَّذِیْنَ اتَّبَعُوْهُمْ بِاِحْسَانٍۙ-رَّضِیَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَ رَضُوْا عَنْهُ وَ اَعَدَّ لَهُمْ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ تَحْتَهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاۤ اَبَدًاؕ-ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِیْمُ(۱۰۰) (پارہ:11،اَلْتَّوْبَہ:100)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ مهاجرن ۽ انصارن مان سڀني کان پهريان ۽ ٻيا اهي جيڪي ڀلائي سان ان جي پيروي ڪرڻ وارا آهن انهن سڀني کان الله راضي ٿيو ۽ اهي الله کان راضي آهن ۽ انهن جي لاءِ باغ تيار ڪري رکيا آهن جن جي هيٺان نهرون وهنديون آهن، هميشه هميشه ان ۾ رهندا، اهائي وڏي ڪاميابي آهي.

مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ  هن آيتِ سڳوريءَ جو خلاصو بيان ڪندي لکن ٿا: يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جي اصحاب سڳورن رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہم  مان اڳوڻا مهاجرَ ۽ انصاري ۽ اهي ماڻهو جيڪي ڀلائيءَ سان انهن جي پيروي ڪن (مثال طور تابعينِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہِم) انهن جو شان هي آهي جو الله پاڪ انهن کان راضي ٿي چڪو آهي ۽ اهي الله پاڪ کان راضي ٿي چُڪا (جو الله پاڪ کين غريبي، اميري، صحت، بيماري وغيره جنهن حالت ۾ رکي، اهي ان کان راضي آهن ۽ ڪڏهن ڪنهن ڳالهه جي شڪايت نٿا ڪن). الله پاڪ انهن لاءِ اهڙيون جنتون تيار ڪري ڇڏيون آهن، جن جي هيٺان شاخون وهنديون آهن. اهي انهن جنتن ۾ هميشه هميشه رهندا. هي نعمتون ملڻ وڏي ڪاميابي آهي. ([2])


 

 



[1]...تبیض الصحیفہ بمناقب ابی حنیفہ،ذکر من ادرکہ من الصحابہ،صفحہ:33ملتقطًا۔

[2]...تفسیرِ نعیمی،پارہ:11،التوبہ،زیرِ آیت:100،جلد:11،صفحہ:28بتغیر قلیل۔